ٺٽي ۾ شاگردن جي ايڊٽ ٿيل غيراخلاقي مواد بابت جاچ جي تياري

گھوڙاٻاري (رپورٽ: سيد امير شاهه ڀاڏائي) ٺٽي مڪلي ۽ ور شھر ۾ معصوم ٻارڙن ۽ اسڪولي شاگردن جا فوٽوز ۽ وڊيوز ايڊٽ ڪري غير اخلاقي مواد جي صورت ۾ سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب علائقي ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي. سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام سرور شاهه ڀاڏائي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ڪراچي ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل سائبر ڪرائيم ڪراچي معاملي جو نوٽيس وٺندي خط لکي ڪيس کي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن حيدرآباد حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شروعاتي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ انسپيڪٽر شگفتا شهزاد به ڪيس کي باضابطا طور حيدرآباد آفيس حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جتي درخواست گذار جي مهيا ڪيل مواد ۽ ثبوتن تي جاچ شروع ڪئي ويندي. والدين ۽ شهر واسين جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارن سان اهڙيون حرڪتون عزت ۽ نفسياتي صحت ٻنهي لاءِ خطرو آهن، تنهنڪري ذميوار ٽولي کي جلد کان جلد وائکو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.