راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي الزامن تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو آهي. عليما خان چيو ته مون علي امين گنڊاپور جو ويڊيو بيان نه ٻڌو آهي، پر جيڪڏهن مان ايم آءِ جي ايجنٽ آهيان ته ڇا انهيءَ ڪري مون کي سڄو ڏينهن قبرستان ۾ بيهاريو ويو؟ گنڊاپور ثابت ڪري ته مان ڪهڙي وي لاگر کي ڪنٽرول يا فيڊ ڪريان ٿي؟