صحت کي اهميت ڏيو، بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي وڌايو: آصفا ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري بريسٽ ڪينسر جي آگاهي مهيني جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته پنهنجي صحت کي اهميت ڏيو، خاموشي ٽوڙيو ۽ آگاهي وڌايو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 90 هزار کان وڌيڪ عورتن کي بريسٽ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، جن مان 40 هزار کان وڌيڪ حياتي وڃائن ٿيون، جڏهن ته اڪثر ڪيس دير سان سامهون اچن ٿا. آصفا ڀٽو زرداري چيو ته وقت سر سڃاڻپ ۽ صحيح علاج سان بيماري کان بچاءُ جي شرح 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، پاڻ معائنو ۽ اسڪريننگ هزارين زندگيون بچائي سگهن ٿيون. هن زور ڏنو ته گڏجي آگاهي پکيڙڻ سان صحتمند ۽ مضبوط پاڪستان ٺاهي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.