ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڏکڻ زون ۾ نئين پوليس فورس قائم ڪئي وئي، هي فيصلو ڊي آءِ جي ساوٿ جي آفيس ۾ ڪوئليشن اگينسٽ ڊرگز (منشيات خلاف اتحاد) جي مشاورتي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪلفٽن، ڊي ايچ اي، صدر سميت 50 کان وڌيڪ تعليمي ادارن جا سربراهه ۽ پوليس آفيسر شريڪ ٿيا، ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ’ڪيمپس سيڪيورٽي اينڊ سبسٽنس ابيوز واچ‘ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 50 اهلڪار شامل آهن، جن ۾ عورتون به آهن، ۽ اهي مختلف تعليمي ادارن ۾ مقرر ڪيا ويندا، هن ٻڌايو ته فورس جي وردي مختلف هوندي، جيڪا ادارن جي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي، جيئن انهن جو تاثر حڪم هلائڻ جو نه پر سهڪار جو پيدا ٿئي، پوليس موجب ڏکڻ زون جي لڳ ڀڳ 150 اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان صلاح مشورا ڪيا ويا آهن ته جيئن منشيات جي مسئلي کي سمجهي ان جي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.