حڪومت کي سپورٽ ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته نواز ليگ جيڪو چاهي ڪري:پيپلزپارٽي

لاهور (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب جي زبان، لفظ ۽ لهجو بلڪل مناسب ناهي، هُن جي مڪالمي جي جواب ۾ سنڌ ۾ به اهڙو جواب آيو ته ڇا ٿيندو، حڪومت کي سپورٽ ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته مسلم ليگ (ن) جيڪو به چاهي ڪري ۽ اسان خاموش رهون، اسان حڪومت کي وزارت ۾ حصو وٺڻ کانسواءِ سپورٽ ڪيو، پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ن ليگ هر ڪم ڪري ۽ پيپلزپارٽي چپ رهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران قمر زمان ڪائره چيو ته اسان حڪومت ٺاهڻ ۾ نيڪ نيتي سان مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏنو، بغير وزارت وٺڻ جي حڪومت جي سپورٽ ڪئي، پر اهو نٿو ٿي سگهي ته حڪومت هر فيصلي ۾ پاڻمرادو اڳتي وڌي ۽ اسان ڪجه نه چئون. اسان ماضي وانگر هاڻ به حالتن کي خراب ڪرڻ نٿا چاهيون، قمر زمان ڪائره چيو ته ڪجهه ڏينهن کان سياسي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو هلي رهيو آهي، پر اهڙا مکالمه سياست ۽ جمهوريت لاءِ فائديمند ناهن، حڪومت کي گهرجي ته معاملا ان حد تائين نه وٺي وڃي ۽ ماضي جهڙي زبان استعمال نه ڪري، پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان بحرانن ۾ جڪڙيل رهيو آهي، هر حڪومت پنهنجي دور ۾ انهن بحرانن سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، موجوده وقت ۾ به دهشتگردي ۽ بارڊر جي حالتن سميت ڪيترائي مسئلا موجود آهن، حڪومت ٺهڻ وقت اسان نيڪ نيتي سان هڪ معاهدو ڪيو، پر بدقسمتي سان ان معاهدي تي مڪمل طور عمل نه ڪيو ويو، پيپلزپارٽي جي پاليسي ملڪ جي مسئلن جو حل ڳولڻ آهي، ان ڪري هر موقعي تي حڪومت جو ساٿ ڏنو، ڀلي جنگي حالتون رهيون هجن يا ٻيا بحران. اسان ماضي جا زخم وسارڻ چاهيون ٿا پر ن ليگ جي دوستن کي گهرجي ته هو نامناسب لهجو ۽ لفظ استعمال نه ڪن. بلاول ڀٽو زرداري صبر ۽ بردباري سان معاملا اڳتي کڻي هلي رهيو آهي، قمر زمان ڪائره وڌيڪ چيو ته هن ڀيري خوفناڪ ٻوڏ آئي جنهن سان وڏو نقصان ٿيو، ان وقت پنجاب ۽ سنڌ حڪومت سٺو ڪم ڪيو جنهن جي اسان تعريف به ڪئي، جتي به خاميون هونديون اسان ضرور پنهنجي راءِ ڏينداسين پر جڏهن اسان راءِ ڏني ته وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته مان اوهان جي آڱر ٽوڙي ڇڏينديس ۽ ڳالهائڻ نه ڏينديس، ٻوڏ دوران پيپلزپارٽي هر جاءِ تي پنجاب حڪومت سان گڏ رهي، چيئرمين بلاول ڀٽو گورنر پنجاب ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيون ۽ امدادي ڪم به ڪيا.

  1. ڇڪتاڻ کانپوءِ ن ليگ پوئتي هٽي وئي، سياسي فائدو پيپلزپارٽي کي ٿيو؟

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ هاڻي نرم ٿيڻ لڳي آهي. مريم نواز جي بيانن کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا اڳواڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وٽ ويٺا، جتي وزيراعظم جي درخواست تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، پيپلز پارٽي جي نويد قمر، اعجاز جکراڻي ۽ ٻين گڏجي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهين دوران چيو ويو ته اتحادي آهيون، اسان کي ائين نه وڙهڻ گهرجي. مريم نواز سخت بيان ڏنو هو ته پنجاب تي آڱر کڄندي ته مان اها آڱر ڀڃي ڇڏينديس، ان بيان تي پيپلز پارٽي سخت ردعمل ڏنو هو ۽ سينيٽ ۾ ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪندي مريم نواز کان معافي جو مطالبو ڪيو هو. قمر زمان ڪائرا لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اتحادي هجڻ باوجود تنقيد ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ انهن جو جمهوري حق آهي، پر اهو پنجاب تي آڱر کڻڻ نه آهي، سندس اشارو مريم نواز ڏانهن هو. هن چوڻ چاهيو ته مان وڏو پنجابي آهيان جڏهن ته مريم نواز جو خاندان ڪشميري آهي. جڏهن به ڳالهيون ٿينديون آهن يا معاملو ٺاهه ڏانهن ويندو آهي ته هڪ ڌر کي خاموش ڪرايو ويندو آهي يا موقف تان پوئتي هٽڻو پوندو آهي. معافي جو مطالبو هو جيڪو ٿيڻو نه هو ڇو ته معافي وارو مطالبو به غلط هو.  اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ هڪٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪندا. جيڪڏهن نون ليگ پاڻ هلي پيپلز پارٽي وٽ وئي آهي ته ان جو مطلب آهي ته مريم نواز جي جارحاڻي پاليسي کي پوئتي وٺڻو پيو، يعنيٰ مريم نواز کي شڪست ملي رهي آهي. وزيراعظم يا نائب وزيراعظم چون ٿا ته هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ بند ڪريو ته ان ۾ به پوئتي مريم نواز کي هٽڻو پئجي رهيو آهي ڇو ته کاتو ته ان کوليو هو ۽ هاڻي وڏا چئي رهيا آهن ته اوهان خاموش رهو ته اها چال مريم نواز کي ڳچي ۾ پئجي وئي آهي.  ان کان اڳ مريم نواز پير پاڳاري کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو. مريم نواز جو ڳالهائڻ جو انداز ڌمڪين وارو لهجو مستقبل جي وزيراعظم لاءِ ٺيڪ نه هو. هن اهڙي نموني پاڻ کي محدود ڪري ورتو. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته هو حڪومت جو حصو آهن پر پنهنجن مطالبن لاءِ دٻاءُ وجهڻ سندن حق آهي. هن ڇڪتاڻ ۾ سياسي فائدو پيپلز پارٽي کي مليو آهي، جڏهن ته نون ليگ کي نرم موقف اختيار ڪرڻو پيو آهي.

  1. پ پ ۽ ن ليگ پاران ڇڪتاڻ گهٽائي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن وچ ۾ وڌندڙ سياسي وڇوٽين کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران ڳالهين ۽ سمجهداري سان سڀئي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب، اها ملاقات قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي چيمبر ۾ ٿي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽر رانا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ شرڪت ڪئي. ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر ملاقات دوران اسحاق ڊار کي اهو پيغام ڏنو ته پنجاب جي وزيراعليٰ کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نويد قمر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سخت بيان جاري رکيا ويا ته، ان جو جواب به جارحاڻي انداز ۾ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندگي نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي ڪئي. ذريعن موجب، ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي اتفاق ڪيو ته ڳالهين ذريعي سڀني مسئلن کي حل ڪيو ويندو.

  1. اسان اعلان نه پر عملي ڪم ڪري ڏيکاريا: مريم نواز

مري(م ڊ)وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سياحتي شهر مري لاءِ وڏن ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪري ڇڏيو . مري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ٿوري وقت ۾ نوازشريف ڪارڊيالوجي سينٽر تعمير ڪيو، اڄ ڪارڊيالوجي سينٽر ڪم شروع ڪري ڇڏيو ۽ 5 ماڻهن جي اينجيوگرافي ٿي آهي، هاڻي مري جو پوليس، صحت ۽ تعليم کاتو الڳ آهي، مون اعلان پوءِ ڪيو ۽ روڊ پهريان ٺاهي ڏنو. پنجاب جي وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته مري جي اسڪولن جي اپ گريڊيش ڪئي پئي وڃي، مريم نواز چيو ته مري لاءِ 15 بسن جو آرڊر ڪري ڇڏيو آهي، شاگردن، پيرسن ۽ عورتن لاءِ گرين لائين بس مفت هوندي، هن وڌيڪ ته ڪيترن ئي ماڻهن خالي اعلان ۽ ڪوڙا واعدا ڪيا، اعلان ڪرڻ سولو آهي پر ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي، پنجاب ۾ بدترين ٻوڏ آئي پر اسين آفيس ۾ نه ويٺاسين، جيڪو چوي ٿو ته هو خاموشي سان ڪم ڪندو آهي اهو ڪم نه ڪندو آهي، اساسان ين بنا واعدن جي ڪم مڪمل ڪيا.

  1. بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا تي اسان کي سخت اعتراض آهن:راڻا ثناءُ الله

لاهور(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب جي حصي جو پاڻي صوبي ۾ جتان گذارڻ چاهيون ان تي اعتراض نه هئڻ گهرجي، وزيراعليٰ پنجاب ڪنهن ٻئي صوبي جي حصي جي پاڻي جي ڳالهه نه ڪئي، مريم نواز پنهنجي حصي جي پاڻي جي ڳالهه ڪئي،هن چيو ته پ پ حڪومت کي سپورٽ ڪري رهي آهي،پ پ جو پنهنجو نڪته نظر ٿي سگهي ٿو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا تي اسان کي شديد اعتراض آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.