”پينشن مان ڪٽوتي نامنظور“ سرڪاري ملازمن جا چونڊيل نمائندن جي بنگلن آڏو ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) پينشن مان ڪٽوتي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سرڪاري ملازمن طرفان شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ زور وٺي وئي، سرڪاري ملازم هاڻ چونڊيل نمائندن جي بنگلن اڳيان به پهچي ويا، ڪراچي ۾ بلاول هائوس اڳيان هر صورت ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سکر ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي گهر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين طرفان سنڌ حڪومت خلاف زوردار  نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ عورتون به شامل ٿيون، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان ميئر سکر جي گهر اڳيان به اسان احتجاج ڪيو پر هن وقت تائين چونڊيل نمائندن ڪو به رابطو ناهي ڪيو، اسان جا مطالبا جائز آهن، پنهنجي مطالبن تان هٿ نه کڻنداسين، سنڌ جون نياڻيون به چونڊيل نمائندن جي درن اڳيان احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن پر ڪير به ڳالهين لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته بلاول هائوس اڳيان ڌرڻو هر صورت ۾ لڳندو، اسان پوئتي نه هٽنداسين، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي روهڙي جي ايليمينٽري اسڪول کان صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي بنگلي آڏو سرڪاري ملازمن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سيد ناصر حسين شاهه جي روهڙي واري گهر جي اڳيان احتجاج دوران ناصر شاهه هائوس جي ترجمان سرڪاري ملازمن کان چارٽر آف ڊمانڊ ورتو  ۽ ملازمن سان ڳالهيون ڪيون، اڳواڻن چيو ته سرڪاري ملازمن جا مطالبا پورا ڪيا وڃن، ڪراچي ۾ لکين سرڪاري ملازم تاريخي ڌرڻو هڻندا. ايئن نه ٿئي ته نيپال ۽ بنگلاديش جهڙو حشر اوهان سان ٿئي. گھوٽڪي ۾ به سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري، تعلقي اسپتال جي تالا بندي سبب سوين مريض اعلاج لاءِ پريشان بڻيل، عورتن ۽ مردن کي واپس موٽايو ويو، اسپتال آيل مريضن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ ملازمن جي جھيڙي ۾ غريب عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان اسپتال اچي رهيا آهيون پر اعلاج نٿو ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن مٺي ۾ ڊي سي آفيس آڏو سمورن ملازمن ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، ملازمن جيتيش راٺي، پريتم ميگھواڙ، اڪبر درس، نصير ڪنڀر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، خيرپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي مختلف کاتن جي ملازمن پاران ۾ پنهنجي جائز حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ نائين ڏينهن به جاري رکي وئي، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي نبي بخش مڪول، خير محمد سومرو، حاڪم ڦلپوٽو، مختيار سولنگي، نثار سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، سنڌ حڪومت طرفان پينشن ڪٽوتي ڪرڻ، پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ، ڊي آر اي الائونس ۽ گروپ انشورنس نه ڏيڻ خلاف ڀان سيدآباد ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي پ ٽ الف تعلقو سيوهڻ، گسٽا ڀان سيدآباد، آپڪا ۽ ڪاليجي استادن پاران محمد بخش رند، ڪمال الدين خاصخيلي، عطاءُ الله اوٺو، خدابخش خشڪ، نجم الدين پنهور، امداد لاشاري، ارشد شاهاڻي، سيد لال شاھ، نواب دل، ايوب لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، پڊعيدن رورل هيلٿ سينٽر جي عملي پاران نائين ڏينهن به او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري احتجاج جاري رکيو ويو،  مير اعجاز راڄپر ، اصغر علي راڄپر سميت ٻين ملازم احتجاجي مظاهرو ڪيو جوهي ۾ به مطالبن جي مڃتا لاءِ سرڪاري ملازمن آفيسن جي تالابندي برقرار رکندي درمحمد ڪوٽار ، منير رند ، شاھد حسين رند، فدا حسين کوکر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج جاري رکيو، دادو ضلعي ۾ سرڪاري ملازمن پاران ڊي آر اي الائونس ختم ڪرڻ خلاف احتجاج نائين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو ، مجموعي طور 42 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسن کي تالا هڻي احتجاج ڪيو ويو. آفيسن جي تالا بندي سبب تعليم، روينيو، صحت ۽ ٻين کاتن جا معاملا مڪمل طور معطل ٿي ويا، استاد تنظيمن جي اڳواڻن منظور پنھور، جاويد احمد، عنايت جمالي، وسيم کوکر ۽ ٻين مظاهرين کي خطاب ڪيو، پيرڳوٺ ۾ سنڌ ايمپلائيز ايسوسيشن جي سڏ تي سوين ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي فقير محمد اعظم مڱڻيجو، استاد اصغر ابڙو، استاد خادم مڱڻيجو، استاد باسط گلال ، استاد محمد صالح لاڙڪ، استاد غوث بخش سومرو، استاد محمد عيسي ڪانهر ، عبدالخالق جتوئي ، استاد غلام قادر ڪانهر، استاد ضمير حسين ڪانهر، انور الدين ڌاريجو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، فيض گنج ۾ سنڌ ايمپلائز الائنس جي سڏ تي تالابندي ۽ احتجاج جاري رکندي ملازمن طرفان ريلي ڪڍي وئي، شهر جي مک چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ويو  جنهن ۾ سوين استادن سان گڏ ايريگيشن، زراعت، روينيو، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، آپڪا، فيض گنج بار، سول سوسائٽي شھري اتحاد رٽائرڊ ملازم شريڪ ٿيا، ٽنڊو محمد خان ۾ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ ڪٽوتي، بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان نائين ڏينهن جاري رکي وئي ، سمورن سرڪاري ادارن ، آفيسن ، اسڪولن ، ڪاليجن جي تالا بندي جاري رکندي سرڪاري ملازمن پنهنجي آفيسن جي آڏو احتجاج طور مظاهرا ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ،جنهن ۾ حاجي لياقت خاصخيلي،عبدالغفور چانگ،آفتاب راڄپر،پروفيسر امتياز هيسباڻي،قربان راڄپر،استاد اعجاز چانگ،ڪامريڊ مرتضيٰ شر،محبوب چانگ،غلام شبير خاصخيلي خطاب ڪيو،راڻيپور ۾ريلي درازا شريف حضرت سچل سرمست جي درگاھ تي پھتي، جتي اڳواڻ ۽ ريلي م شريڪ استاد سچل سائين جي مزار تي حاضري ڀري ۽ کيس آڏو دانھيون ته حڪومت اسان استادن جي حقن تي سڌو ڌاڙو ھڻي رھي آھي، ريلي جي اڳواڻي استاد عبدالجبار سولنگي، استاد صابر علي عمراڻي، استاد ذاڪر حسين ڀنڀرو، استاد خادم حسين سھاڳ، پ ٽ الف ۽ گسٽا ۽ ٻيا ٻين تنظمين جا سرڪاري ملازم ڪري رھيا ھئا، ڊگھڙي ۾ به سنڌ ايمپلائز الائنس جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا جي لاءِ سرڪاري ملازم سراپا احتجاج بڻيل، تعلقي اسپتال ڊگھڙي جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جانورن جي اسپتال سميت تعلقي جون سرڪاري آفيسون ۽ سوين اسڪولون بند رهيون، احتجاج دوران ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ استاد اڳواڻن ڊاڪٽر محمد امين خاصخيلي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ چانهيون، ڊاڪٽر رازق لغاري، محمد حسين آرائين، امجد علي سنگهيڙا خطاب ڪيو، مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٽن صوبن ۾ سرڪاري ملازمن کي سڀ ڪجهه ملي رهيو آهي، سنڌ سرڪار اسان سان ظلم ڪري رهي آهي، اسان جا مطالبا جائز آهن ، ڪراچي ۾ بلاول هائوس آڏو هر صورت ۾ ڌرڻو هڻنداسين، اسان جون نياڻيون به رستن تي آهن، 9 ڏينهن ٿي ويا آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري، هي هٿ سان حالتون خراب ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.