ملڪ اندر دهشتگردي ۾ شدت، رياست جو ڌيان سياسي انجنيئرنگ تي لڳل؟

اسلام آباد (امتياز گل) بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا ۾ فرنٽير ڪانسٽيبلري ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جي هيڊڪوارٽر ٻاهران آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. رپورٽ موجب ڌماڪو هڪ پِڪ اپ ٽرڪ ۾ موجود بارودي مواد سان ڪيو ويو، جيڪو ايف سي ڪمپائونڊ جي ويجهو ڦاڙيو ويو. سيڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته حملي کان پوءِ فوري جوابي ڪارروائي ڪري سمورا دهشتگرد ماريا ويا. سينٽر فار ريسرچ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2025 جي پهرين نون مهينن دوران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ لڳ ڀڳ 901 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ شهري، سيڪيورٽي اهلڪار، ڏوهاري ۽ ٽي ٽي پي جا دهشتگرد شامل هئا. انهن ۾ ڪجهه افغان به هئا، جن جا لاش واپس افغان اختيارين حوالي ڪيا ويا. رپورٽ موجب، رڳو ٽئين ٽه ماهي (جولاءِ کان سيپٽمبر 2025) دوران دهشتگردي ۽ آپريشنن ۾ 329 پرتشدد واقعا ٿيا، جيڪي گذريل عرصي جي ڀيٽ ۾ 46 سيڪڙو وڌيڪ آهن. اهو ظاهر ڪري ٿو ته 2025 جي شروعاتي نون مهينن ۾ صورتحال 2024 جيان ئي خطرناڪ رهي آهي. گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 2546 ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته هن سال اهو انگ وڌڻ جو امڪان آهي. دهشتگردي خيبرپختونخوا کان وٺي بلوچستان تائين پکڙيل آهي ۽ حملن ۾ شدت وڌي آهي. ان جي ابتڙ رياستي ادارن جو ڌيان گهڻو ڪري سياسي انجنيئرنگ ۽ خاص طور پي ٽي آءِ جي قيادت کي ٽوڙڻ تي لڳي ٿو. عليما خان ۽ گنڊاپور وچ ۾ تڪرار ظاهر ڪري ٿو ته پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. اهو ڪنهن حڪمت عملي جو نتيجو لڳي ٿو. ملڪ جي سيڪيورٽي بدران سياسي ڇڪتاڻ تي ڌيان ڏيڻ دهشتگردن کي وڌيڪ جاءِ فراهم ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور الزام هنيو آهي ته عليما خان کي ايم آءِ سِڪس سهولت ڏئي رهي آهي، عمران خان کيس چيئرپرسن بڻائيندو ته هو قبول ڪندو، اها تڪراري ڳالهه آهي ڇو ته عمران خان ڪنهن به پرڏيهي کي به بڻائي ڇڏي ته هو ان کي قبول ڪندو؟ هوڏانهن ايم آءِ سڪس هجي يا آمريڪي ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ، اهي هڪ ئي پيج تي آهن. موجوده نظام کي آمريڪا ۽ برطانيا جي حمايت آهي. هو عليما خان جي حمايت ڇو ڪندا؟ جيڪا عمران خان جو مسئلو اٿاري رهي آهي. ائين لڳي ٿو ته گنڊاپور کي عمران خان طرفان ڇنڊ ملي آهي تنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو. گنڊاپور چيو ته عليما خان ۽ ڪجهه يوٽيوبر اختلاف پيدا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته عليما خان جو واضح موقف آهي ته سندس ۽ ڀينرن جو اصل مقصد رڳو عمران خان جي آزادي آهي. گنڊاپور کي ڪيئن خبر پئي ته ايم آءِ سڪس عليما خان جي مدد ڪري رهي آهي؟ اهڙا الزام ماهه رنگ بلوچ تي به لڳا هئا. ڇا علي امين گنڊاپور جا الزام اختلافي آوازن کي دٻائڻ لاءِ ته ناهن؟ ڇو ته گنڊاپور تي الزام اهو ئي آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪم ڪندو آهي. هن وڊيو ان لاءِ جاري ڪئي جيئن اختلاف پيدا ٿين. ٻنهي ڌرين جي بيانن کان پوءِ پارٽي اندر ڇڪتاڻ وڌيڪ سامهون اچي رهي آهي. عمران خان جي آزادي جو معاملو هاڻي گهڻو ڪري واشنگٽن ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي دارومدار رکي ٿو. کيس اڊيالا جيل مان ڪڍي راولپنڊي ۾ خاص سب جيل ۾ منتقل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي، جيڪو ممڪن آهي ته ڪنهن وڏي سياسي ڊيل جو حصو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.