حيدرآباد(رپورٽر) سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻن، مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد، مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويو، مرڪزي آرگنائيزر محسن سولنگي، سهڻي جويو، اعزاز لغاري ۽ مڪيش ڪمار پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو اهو چوڻ ته “پاڻي به منهنجو ۽ پيسا به منهنجا، پوءِ ڊيم ٺاهيان يا جيڪو ڪيان، توهان جو ڇا” اھو بيان ٻُڌي سنڌ جي ماڻهن سخت ردعمل ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي. هنن چيو ته اسان واضح چئون ٿا ته سنڌو درياءُ اسان جي ريڊ لائين آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو ڊيم ٺهڻ سنڌي عوام لاءِ قبول نه هوندو. هنن چيو ته جيڪڏهن پنجاب پاڻيءَ کي صرف پنهنجو سمجهي ٿو ته پوءِ سنڌ کي به اهو حق آهي ته هو پنهنجي وسيلن بابت ساڳيو موقف اختيار ڪري. هنن چيو ته صحافي امتياز مير جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هنن ماڙيپور گئس فيلڊ ۾ مقامي نوجوانن سان ٿيندڙ ناانصافيءَ ۽ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس جي حملي ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته سنڌي شاگرد صرف پنهنجي روزگار جو جائز حق گهرڻ لاءِ نڪتا هئا، پر سندن پرامن احتجاج کي به زوري ٽوڙيو ويو،