حيدرآباد (رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ غير مناسب واڌ تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ جي قيمتن موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 رپيا في ليٽر گهٽتائي جي گنجائش موجود آهي، پر حڪومت عوام، محنت ڪشن، هارين، زميندارن، ملازمن، عورتن ۽ غريب وچولي طبقي جي شهرين کي رليف ڏيڻ بدران مفت خور اشرافيه جي عياشين، مفت سهولتن ۽ مالي مراعتن ۾ واڌ ڪندي، ملڪ جي 98 سيڪڙو آبادي لاءِ سخت معاشي ۽ سماجي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ فوري طور گهٽتائي ڪئي وڃي. ملڪ جو عوام ۽ عوام دوست، ترقي پسند قوتون پنهنجن بنيادي حقن جي حاصلات، تحفظ، مسئلن جي حل ۽ حق حڪمراني جي بحالي لاءِ ملڪ گير سطح تي منظم ٿي فيصلائتي جدوجهد لاءِ تياري ڪن.