ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ شهباز شريف حڪومت طرفان تيل اگهن ۾ ڪيل واڌ کي رد ۽ ان کي ظالماڻو ۽ غريب دشمن فيصلو قرار ڏيندي گھر ڪئي آھي ته حڪومت عوام مٿان مهانگائي جي بمباري ڪرڻ بدارن شاھي خرچ گھٽائي عوام ريليف ڏنو وڃي . ھن ھڪ بيان ۾ چيوته پئٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 4رپيا واڌ سان مھانگائي چوٽ ۽ عوام جي اھنجن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو.
ھن وقت موجودھ حڪومت في لٽر تي 100رپين کان وڌيڪ ليوي چارجز وصول ڪري رھي آھي معيشت جي بحالي جي دعويدار حڪومت اندروني توڙي بيروني قرضن جي وصولي ۾ پويان سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف خود سرڪاري ملازم سميت ھر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھو سراپا احتجاج آھن.