پ پ ۽ ن ليگ پنجاب ۽ سنڌ ڪارڊ کيڏڻ بند ڪن:ساڃاهه وند

حيدرآباد/ڄامشورو(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي بيان”پاڻي به اسان جو آهي ۽ پئسو به اسان جو آهي“ اسان سندس ان بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ سندس ھي بيان ملڪ جي فيڊريشن جي خلاف آهي، پنجاب اڳ به پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻندو رهيو آهي،هي مسئلو مريم نواز جو ناهي ان کي آڻڻ وارو آصف زرداري آھي جنهن سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو آهي،پيپلز پارٽي کي پنجاب جي وزيراعليٰ تي تنقيد ڪرڻ بدران پاڪستان جي صدر جي ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي 8 جولاءِ واري ڪئنالن جي معاملي کي رد ڪرڻ گهرجي،اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي اجلاس کان پوءِ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،ايس يو پي جي مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو،مرڪزي جنرل سيڪريٽري جگديش آھوجا،مرڪزي نائب صدر منير احمد نائچ،مرڪزي نائب صدر عارف نياز آرائين،اصغر قريشي، هنجراج،خواجه نويد امين، مختيار ميمڻ،منور خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي طاقت ذريعي ڪينال جي مسئلي تي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ جيڪڏهن ٻيهر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان ڀرپور مزاحمت ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ امن جي بدران ڪاروباري ڊيل آهي پرڏيهي پاليسي جي تحت اسان جون زمينون غير ملڪين کي ڏنيون ويون آھن ملڪ جي سيڪيورٽي جي تحت پرڏيهي پاليسي ٺاهي وڃي جيڪا عوام جي ڀلائي لاءِ هجي،هن چيو ته اسان پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي تي 1.3سئو ارب ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا،اسان اين ايف سي تي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) پاران ڌاڙي جي مذمت ڪريون ٿا ايندڙ مهيني ٿيندڙ اين ايف سي اجلاس ۾ ڪا به تبديلي قبول نه ڪئي ويندي هن چيو ته منرلز ۽ مائنز صوبائي ملڪيتون آهن جن تي وفاق کي پرڏيهي ڪمپنين سان معاهدا ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي اهو صوبائي ملڪيتن تي ڌاڙي هڻڻ جي برابر هوندو ۽ آئين جي خلاف ورزي هوندي ڇاڪاڻ ته آئين ۾ صوبن کي ضمانت ڏني وئي آهي ته معدنيات ۽ مائنز صوبن جي ملڪيت آهن،سنڌ جي بندرگاھ سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ ان مان گڏ ڪيل سڀئي ٽيڪس سنڌ جي تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪيا وڃن ان سان گڏوگڏ سنڌ مان نڪرندڙ ٿيندڙ گئس، تيل،ڪوئلي ۽ معدنيات تي وفاق جي قبضي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هڪ ڪاروباري اداري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جنهن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران سيمينار ۽ احتجاج جاري رکيا ويندا ۽ جيڪڏهن مستقبل ۾ شفاف ڀرتيون نه ڪيون ويون ۽ ميرٽ جو ٻيهر قتل ڪيو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيسن ٻاهران ڌرڻا هنيا ويندا، هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو ڪمرشل گاديءَ جو هنڌ آهي پر ڪراچي جي 60 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ڊرينيج سسٽم کان محروم رکيو ويو آهي اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪي فور منصوبو جلد کان جلد مڪمل ڪري ڪراچي کي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي،ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ٽينڪر مافيا ذريعي ٿي رهي آهي،ڪراچي جي زمينن تي لينڊ مافيا جو قبضو آهي،سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 900 ارب جاري ڪن،سيد زين شاھ چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري ملازم هن ڪرپٽ نظام خلاف تحريڪ هلائي رهيا آهن ۽ اسان انهن جي مطالبن جي حمايت ڪريون ٿا،سيد زين شاھ چيو ته 9 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪي مفاد جي عنوان تحت سيمينار منعقد ڪيو ويندو،  هڪ سوال جي جواب ۾ سيد زين شاھ چيو ته مريم نواز جي بيان تي پيپلز پارٽي جو واڪ آئوٽ هڪ ڏيکاءُ آهي پاڪستان جي صدر ڪينال منصوبن جي منظوري ڏني آهي ۽ هاڻي اهو ئي ڪئنال منصوبو رد ڪري هي پيپلز پارٽي جو ٻٽو معيار آهي،سيد زين شاھ چيو ته امتياز مير هڪ منفرد صحافي هو اسان سندس وحشياڻي قتل تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا ۽ قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪريون ٿا.

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي  ته  پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ مريم نواز پنجابي ڪارڊ ۽ پيپلز پارٽي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ بند ڪن. سنڌو درياھ ۽ ان جي مدد ندين تي ڪو به ڪئنال يا ڊيم ٺاھڻ جو منصوبو ملڪ دشمني ۽ سنڌ دشمني آھي. پنجاب مسلسل سنڌو درياءُ تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. بندرگاھ، سمنڊ، تيل، گئس، بجلي ۽ ٻيا قدرتي وسيلا سنڌ وٽ آھن. عالمي قانون موجب پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي. سنڌو درياھ جي پاڻي تي پھريون حق سنڌ جو آھي. ن ليگ ۽ پ پ ڪرپشن جي ٻيڙي ۾ سوار آھن،هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومتون تبديل ٿين ٿيون پر پاليسيون ساڳيون رھن ٿيون، موجوده وفاقي ۽ سنڌ حڪومت گذريل خراب حڪمرانين جو تسلسل آھن. وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. سنڌ حڪومت زراعت، صنعت سميت سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي،هن چيو ته پيپلز پارٽي درياءُ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي اقتدار خريد ڪيو آھي پر سنڌ جو عوام پنھنجي درياھ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ ڪڏھن به خاموش نه ويھندو،هن چيو ته حڪمران ان غلط فھمي ۾ آھن ته اھي پيپلز پارٽي کي مينيج ڪري درياھ، زمينون ۽ وسيلا ھڙپ ڪري ويندا پر ائين نه ٿيندو. ڪروڙين ماڻھو سنڌ دشمن ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمن کي رد ڪري چڪا آھن. هن چيو ته  ملڪ کي حقيقي جمھوريت، آئني بالادستي ۽  برابري سان ترقي ڏياري سگھجي ٿي. اقتدار خريد ڪندڙ حڪمران سوداگر ٿي ڪرپشن جي بازار لڳايو ويٺا آھن. سنڌ ۽ ملڪ جي عوام کي لٽيو پيو وڃي. معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. لکين خاندان غربت جو شڪار ٿي ويا آھن. تعليم، صحت جو نظام درھم برھم آھي. ميرٽ ناھي. ڪروڙين ماڻھو پيئڻ جي صاف پاڻي جي بنيادي انساني حق کان محروم آھن. حڪمران اصل ۽ بنيادي مسئلا حل ڪن.

وارهه (پ ر) عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڪامريڊ منان چانڊيي جي چوٿين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ طرفان وارهه ۾ جلسو ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جلسي عام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، عرفان منان، محبوب رڪ راهوجو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر علي حسن وڪو، عبدالنبي بروهي، نوريز چانڊيو، ڪامريڊ منان جي نياڻين مرڪ منان، تانيا منان، نجيب چانڊيو، نياز حيدري، پرويز ابڙو، صلاح چانڊيو، ايڊووڪيٽ اياز کهاوڙ، احمد خان ڇٽو، علي گل چانڊيو، نياز حيدري، ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته رسول بخش پليجي پورهيت طبقي جي ماڻهن کي علم، ادب ۽ سياست ۾ متحرڪ ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي، انهن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي. ڪامريڊ منان چانڊئي جهڙن سوين هزارين پورهيت طبقي جي ماڻهن کي علم، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ اڳتي آندو، ڪامريڊ منان جي هڪ تمام وڏي خوبي اها آهي ته هو هڪ پورهيت طبقي جو ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ آهي، هن ثابت ڪيو ته هڪ غريب مسڪين پورهيت به لکي پڙهي سگهي ٿو. ڪامريڊ منان کي اسين سرخ سلام ٿا پيش ڪريون. سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي معاملي تي مريم نواز جي زهريلي تقرير جي مذمت ڪندي وسند ٿري چيو ته انگريزن سنڌ جو پاڻي پنجاب کي چوري ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پنجاب جي ترقي پسند قوتن کي اپيل ٿا ڪريون ته اها مريم نواز جي فاشسٽ حڪومت خلاف اٿي کڙي ٿئي ڇاڪاڻ ته پنجاب جا حڪمران سنڌ سان گڏ پنجاب جي عوام جا به دشمن آهن، چولستان جي زمينن تي قبضو ڪرائي چولستان واسين کان زمينون ڦري ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن، مريم نواز عملي طور پنجاب جي وزيراعلي نه پر ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين جي ايجنٽ آهي. وسند ٿري چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي ڪنهن مريم نواز، جنرل مشرف، جنرل ضيا، ايوب يا نريندر مودي جو ناهي، سنڌو درياهه جو پاڻي ست ڪروڙ سنڌين جو آهي، پنجاب جا فاشسٽ حڪمران ڪنهن به پاڻي معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. پنجاب حڪومت سنڌ جو 91سيڪڙو پاڻي اڳ ۾ ئي چورائي وئي آهي مٿان وري مريم نواز چولستان ڪئنال جا خواب پئي ڏسي پر هي جيڪي ست ڪروڙ سنڌي آهن سي مريم نواز جي حڪومت کان ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جو حساب وٺندا. وسند ٿري چيو ته پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي حمايت ڪري پنجاب سرڪار کي نوان ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، سينيٽ مان پ پ پ جو واڪ آئوٽ هڪ ٿيٽر پرفارمنس کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، پيپلز پارٽي سنڌي قوم کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ اها ڊرامي بازي ڪئي، پيپلز پارٽي سنڌي قوم سان ڪوڙ ۽ فراڊ بند ڪري ۽ سنڌ سرڪار طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي. ان سان گڏ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال سميت پنجاب جا سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال بند ڪرائڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ مان قرارداد منظور ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست آهي پر پنجاب جي حڪمرانن جناح جي پاڪستان کي قتل ڪري پاڪستان کي پنجابستان بڻائي ڇڏيو آهي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ رت جون نديون وهايون پيون وڃن، ست ڪروڙ سنڌين جو پاڻي بند ڪري سنڌين جي به نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪامريڊ منان چانڊيو جي جدوجهد کي سلام ٿا پيش ڪريون، هن زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پنهنجي مظلوم ماڻهن جي نجات لاءِ جدوجهد جاري رکي. هن چيو ته سنڌ جو گهڻ طرفو گهيرو ڪيو ويو آهي. هڪ طرف پنجاب جي وزير اعلي سنڌ کي پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏئي ٻي طرف پيپلز پارٽي وفاق ۾ نواز ليگ جي ساٿاري بڻيل آهي. سنڌ جا حڪمران ڪرسي خاطر هر سنڌ دشمن فيصلي ۾ وفاق سان گڏ آهن. ڪئنالن جو فيصلو صدارتي هائوس ڪيو. هن چيو ته سنڌ سرڪار عالمي سامراجي اداري آئي ايم ايف جي حڪم تي ملازمن جي پينشن مان ڪٽوٽي جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي فيصلي کي سنڌ قبول نه ڪندي. هن چيو ته سنڌ ايمپلائيز الائنس جي جدوجهد جي اسان مڪمل حمايت ڪريون ٿا. ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته ڪامريڊ منان اسان جو اثاثو هو. هو هڪ جاکوڙي ڪردار هو. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سموري ملڪ ۾ قبضاگيري ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين سميت سموري ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين تي قبضا ڪري زمين ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين حوالي ڪئي پئي وڃي. غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته منان چانڊيو اسان جي سٿ جو ساٿي هو، هو هڪ ليکڪ سان گڏ هاري ۽ مزدور اڳواڻ هو. هن چيو ته سارين جا اگهه گهٽائي هارين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. سارين جو مناسب اگهه ڏئي هارين ۽ آبادگارن کي سيٺين ۽ سرمائيدارن جي ڦرلٽ کان محفوظ ڪيو وڃي. ڪامريڊ سرتاج چانڊيو چيو ته ڪامريڊ منان پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ هو. منان چانڊيو پنهنجي لکڻي، سياست ۽ جدوجهد سان هزارين ماڻهن کي شعور ڏنو. هو پورهيت ۽ هارين جي حقن لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪندو رهيو. علي حسن وڪو چيو ته ڪامريڊ منان نه صرف پورهيتن جو ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ هو پر هو هڪ ڪميٽيڊ جاکوڙي سياسي ڪارڪن هو، جنهن پنهنجي لکڻي ۽ سياست سان پوري علائقي جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. عرفان منان چيو ته منهنجو بابا ڪامريڊ منان اسان لاءِ فقط والد ئي نه پر جدوجهد جي راهه ۾ هڪ مثالي رهبر هو، جنهن هر حال ۾ سچ ۽ انصاف جو ساٿ نڀايو. سندس جدوجهد اسان لاءِ مشعل راهه آهي. مرڪ منان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته منهنجي پيءُ ڪامريڊ منان اسان کي سيکاريو ته ڏکيائي ۾ به پنهنجن اصولن تي قائم رهڻو آهي. سندس خواب ۽ جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ اسان جو فرض آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.