ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 3.2 رڪارڊ

ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) ڪراچي جي علائقن ملير، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب صبح 9 لڳي 34 منٽن تي 3.2 شدت جو زلزلو رڪارڊ ٿيو، جنهن جي اونهائي 10 ڪلوميٽر ۽ مرڪز ملير کان اتر اولهه ۾ 7 ڪلوميٽر پري هو. ڊپٽي ڊائريڪٽر موسميات انجم نذير چيو ته 3 شدت وارا زلزلا اڪثر ايندا آهن پر عام طور محسوس ناهن ٿيندا، هن ڀيري شدت ڪجهه وڌيڪ هئڻ سبب شهرين کي صاف محسوس ٿيو.

  1. فلپائن ۾ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ملبي جو ڍير، 69 ڄڻا فوت

منيلا (م ڊ) فلپائن ۾ 6.9 شدت جي زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون ۽ 69 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿيا. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز بوگو شهر جي اتر اوڀر ۾ هو ۽ ان جي اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. باسڪيٽ بال ميچ دوران اسپورٽس ڪامپليڪس به ڊهي پيو. زلزلي کان پوءِ آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا،

جڏهن ته سِبو ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري اسڪولن ۽ سرڪاري آفيسرن کي بند ڪيو ويو. ملبن مان متاثرن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري رهيو ۽ اختيارين وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.