ڪراچي(رپورٽر ) ۔سنڌ جي اسٽيوٽا کاتي سنڌ جي نوجوانن کي ھنرمند بڻائڻ لاءِ مختلف پروگرامن ۽ نوجوانن جي وظيفو فراھم ڪرڻ تي پوڻا ٽي ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا. پي اي سي اسٽيوٽا جي عملدارن کان خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آھن. بدھ ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اسٽيوٽا کاتي سميت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جو سيڪريٽري عباس بلوچ ۽ اسٽيٽيوٽا جي عملدارن سميت ٻين آفيسر شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته اسٽيٽيوٽا کاتي سنڌ جي نوجوانن کي ھنر سيکارڻ ۽ ھنرمند بڻائڻ ۽ نوجوانن کي وظيفو ڏيڻ جي مد ۾ مختلف پروگرامن تي پوڻا ٽي ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن، جنھن بابت اسٽيٽيوٽا آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيو. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته سنڌ جي ڪيترن نوجوان ڪهڙو ھنر سکيو ۽ ھنر سيکارڻ جي پروگرامن تي پوڻا ٽي ارب رپيا ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿيا ان جا تفصيل ڏنا وڃن جنهن تي اسٽيٽيوٽا کاتو ڪو به رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيو. ان موقعي تي پي اي سي نوجوانن کي ھنرمند بڻائڻ ۽ انهن کي وظيفا ڏيڻ تي خرچ ڪيل پوڻا ٽي ارب رپين جي خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا۔ پي اي سي تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريندي تعليمي بورڊن جي خصوصي آڊٽ جلد مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.