صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ ) ڪراچي ۾ شهيد سينيئر  اينڪر پرسن ۽ صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وارثن ۽ صحافين پاران امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري ۽ واقعي جي جاچ لاءِ جي آئي ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي شهيد اينڪر جي ڀائرن رياض مير، ايوب مير، مير صالح، سينيئر صحافين عاجز جمالي، عامر سپرو، شاهد مير سهتو، ذوالفقار چانڊيو، امداد سومرو ۽ شڪيل نائچ ڪئي،

احتجاج جي مظاهري دوران صحافين توڙي وارثن جو چوڻ هو ته سينيئر اينڪر پرسن تي حملي کي يارنهن ڏينهن ٿيا آهن پر قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن، وارثن جو چوڻ هو ته ايف آءِ آر ۾ نالا هجڻ باوجود ڄاڻايل قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي جيڪو غفلت جو هڪ مثال آهي، شهيد صحافي امتياز مير جي وارثن توڙي صحافين سنڌ حڪومت کان  مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ واقعي جي جي آئي ٽي جوڙي شفاف جاچ پڻ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.