فطرت جي اصولن ۽ قاعدن جو ويجھي کان مطالعو ڪندڙن ۽ ماحوليات تي ڊگھي نظر رکڻ وارن ماھرن جو خيال آھي ته سال 2025 دنيا جي لاءِ ھڪ فيصلائتو موڙ ثابت ٿيو آھي. گرمي جي عالمي پد ۾ مسلسل اضافي پوري دنيا کي جنجھوڙي ڇڏيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي خطن ۾ غير معمولي ماحولياتي آفتن، مصيبتن ۽ سيلابن عام ماڻھن جا جھوپا جھڻ ۽ پيداواري وسيلا سندن پيرن ھيٺان کسڪي رھيا آھن. پاڪستان به ان خطي جي متاثرين مان ھڪ آھي.
يو اين اي پي جي ھڪ رپورٽ مطابق اقوام متحده جي ماحولياتي پروگرام مطابق سال 2025ع ۾ يورپ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي گرميءَ کي ڀوڳڻو پيو. اٽلي، اسپين ۽ فرانس ۾ گرمي پد 45 ڊگري کان به مٿي وڃي پھتو، نتيجي ۾ ڪيئي فصل سڙي ويا ۽ بجليءَ جي نظام کي به ڪافي نقصان پھتو، جنھن سان لکين ماڻھو متاثر ٿيا. انھيءَ دوران آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ لکين ھيڪٽرن تي بيٺل ٻيلن کي باھ جا واقعا پيش آيا. بين الحڪومتي پينل پنھنجي تازي رپورٽ ۾ (IPPC) برائي موسمياتي تبديليءَ ۾ نشاندهي ڪئي آھي ته وڌندڙ گرمي پد ۽ طويل خشڪ سالي ٻيلن ۾ لڳندڙ باھ کي ٻيڻو ڪري رھيا آھن. آفريڪي کنڊ جي ملڪن صوماليا، اٿوپيا ۽ سوڊان جھڙا ملڪ شديد قحط ۽ خشڪ سالي سان منھن ڏئي رھيا آھن جتي لکين انسان خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي ڪمي سان جھيڙي رھيا آھن. ٻئي پاسي ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ سامونڊي طوفانن ۽ برساتن تباھي آندي آھي. خاص طور پاڪستان، بنگلاديش ۽ فلپائين جا لکين ماڻھو متاثر ٿيا آھن. اھي سڀئي مظھر ان ڳالهه طرف اشارو ڪري رھيا آھن ته دنيا ھن وقت سنگين ماحولياتي بحران جي ٻواٽي تي ٻيٺي آھي.
پاڪستان جي صورتحال کي جيڪڏھن دنيا جي ٻين خطن ۾ پيش ايندڙ آفتنن ۽ تباھين سان ڳنڍيو وڃي ته اھي سڀئي ھڪ ئي ڪھاڻي جا مختلف روپ نظر ايندا. يورپ ۾ وڌندڙ گرمي جي لھر، آفريڪي ملڪن ۾ خشڪ سالي ۽ خوراڪ جا مسئلا ، ڪيناڊا، آمريڪا ۾ ٻيلن ۾ باھيون ۽ پاڪستان ۾ طوفاني بارشون ۽ ٻوڏ سڀ ھڪ ئي سلسلي جي ڪڙي آھن. AR-6 جي ھڪ رپورٽ ۾ IPPC خبردار ڪيوھو ته موجوده گرمي پد ۾ جيڪڏنھن 1.5 ڊگري جو به اضافو ٿيو ته دنيا شديد ۽ ناقابل تلافي نقصان کي ڀوڳيندي. اھڙين اڳڪٿين، انديشن ھاڻي 2025ع ۾ حقيقت جو روپ ڌاري ورتو آھي. UNEP ۽ پاڪستان ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمنٽ جي گڏيل رپورٽ مطابق، گذريل 20 سالن ۾ گليشيئرز جي جسامت ۾ 25 سيڪڙو ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي آھي. انھن جي ڳرڻ ڪيترا ئي درجن گليشريائي ڍنڍون پيدا ڪري ورتيون آھن، جن مان ڪيتريون ئي ڦاٽڻ جي خطري سان منھن ڏئي رھيون آھن. 2025ع ۾ گلگت ۽ بلتستان جي ٻن ضلعن ھنزا ۽ غذر ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي اھڙا واقعا ٿيا آھن جنھن ۾ مقامي آبادي کي لڏڻو پئجي ويو آھي. اھڙي صورتحال نه صرف مقامي ماڻھن کي پريشان ڪندڙ آھي پر ملڪ جي آبي ذريعن لاءِ به خطري جي گهنٽي آھي. سنڌو درياءَ جو گھڻوتڻو وھڪرو انھن گليشيئرز جي ھجڻ تي آڌاري ٿو. جيڪڏنھن اھي گليشيئرز تيزيءَ سان ڳرندا رھيا ته پوءِ ملڪ کي پاڻيءَ جي شديد بحران سان منھن ڏيڻو پوندو.
فطرت سان انساني کؤنس کيس فطرت کان پري ڌڪي ڇڏيو آھي، جتي ھاڻي انسان جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي. نئين سائنسي تحقيقن ثابت ڪيو آھي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ميٿين گئسن جي بي پناھ خارج ٿيڻ ۽ ٻيلن جي بي درديءَ سان واڍي اوزون تھ ۾ سوراخ ٿيڻ جوڪارڻ بڻيا آھن. جنھن سان عالمي گرمي پد ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آھي. جنھن ڪري موسمي ۽ ماحولياتي تبديليون، سوناميون ۽ تباھ ڪاريون فطرت کي موت ڏانھن گھلي وڃي رھيون آھن. اڄ کان 28 سال پھرين انھن خطرن جي نشاندهي ڪندي، جاپان جي شھر "ڪيوتو” ۾ فطرت کي بچائڻ لاءِ ھڪ معاھدو ڪيو ويو ته ڪيئن گرين ھائوسز گيسن ۾ ڪمي آندي وڃي ته جيئن دنيا کي وڏن بحرانن مان ڪڍي فطرت کي بچائجي. وقت سان گڏ "ڪيوتو” معاھدو مختلف مرحلا طئي ڪندو پيرس معاھدي جي صورت اختيار ڪري ورتي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته ڪيترن ئي وڏن سرمائيدار ملڪن ۽ انھن جي ملٽي نيشنل ڪمپنين ان معاھدي کي مانُ نه ڏنو ۽ ان تي عمل درآمد ڪرڻ نه ڏنو، ايتري تائين جو موجوده آمريڪي صدرٽرمپ ان قسم جي اھڙن ڪيترن ئي معاھدي مان به نڪري ويو آھي. اھا سڀني کي سُڌ ھوندي ته ماحوليات جي تباھيءَ جا وڏا ذميوار ۽ ڏوھاري سرمائيدار صنعتي ملڪ آھن، ان ڪري ئي مائڪرو سافٽ ويئر جي مالڪ بل گيٽس به مختلف وقتن تي دانھون ڪندو آيو آھي ته دنيا ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلين سان ماحوليات جي تباھ ڪارين کان ڇوٽڪاري جو سرمائيدار ملڪن وٽ نه ته حل آھي نه ئي اُھي ان لاءِ سنجيده ڪوششون وٺندي نظر اچن ٿا. ھڪ ڀيري کانئس پڇيو ويوته آخر ان جو حل ڪنھن وٽ ۽ ڪھڙو آھي، سندس فوري جواب ھيو سوشلزم .
2025 جون موسمي تبديليون ھاڻي رڳو مستقبل جون اڳڪٿيون يا ڌمڪيون ناھن رھيون پر اڄ جي مڃيل اڻٽر حقيقت آھي. پاڪستان جون "مَون سُون” برساتون ۽ گلگت بلتستان جا رجندڙ گليشيئرس ان بحراني حقيقت جا ڏٺا وائٺا شاھد آھن. جيڪڏنھن سرڪاري طور تي بروقت ۽ ھنگامي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ نسلن جا اسين ڏوھاري ھوندا سين ۽ اُھي نسل اھڙي پاڪستان جا وارث ھوندا، جتي پاڻيءَ جي ڪمي، زمينون بنجر ۽ موسمون انتھائي نامواقف ھونديون. تازو پنجاب ۾ 38 سالن کان پوءِ ايندڙ ٻوڏ، دريائن ۽ نالن جي اندر ڪيل غير قانوني والار ۽ قبضن تان پردو ھٽائي اصل حقيقتن کي عوام اڳيان ظاھر ڪري ڇڏيو آھي. ان ۾ اڪثر قبضا رياست ۽ حڪومت جي طاقتور ماڻھن جا آھن، جن جو ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار آھي. ھن وقت ته پنجاب ۾ ڳالهه ئي ان تي ٿيڻ کپي ته دريائن ۽ وڏن نالن جي اندر ھزارين ايڪڙن تي پکڙيل قبضا ڪنھن جا آھن ۽ ڪيئن ٿيا آھن. ان ڳالهه کي اڳيان وڌائڻ گھرجي ته جيئن پنجاب جي قبضا مافيا جو چھرو بي نقاب ٿئي .
ھاڻي اھلِ پنجاب کي به سمجهه ۾ آيوآھي ته ھاڻوڪي ٻوڏ جو ڊيم سان ڪوبه واسطو ناھي. اصل ۾ پنجاب جي لکين ٻھراڙي جي غريب عوام کي ٻوڙيو آھي ته اھا ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ قبضي مافيا آھي، جنھن کي سرڪاري ڇوٽ ڏنل آھي. پنجاب جي عوام کي دريائن ۽ وڏن نالن تي انھن مھلڪ قبضا خورن ۽ انھن جي ناجائز اسڪيمن کي پاس ڪندڙ سرڪاري ڪامورن خلاف آواز اٿارڻ گھرجي جن دريائن ۽ وڏن نالن جي رستا روڪ ڪري لکين غريبن جا اجھا اجاڙيا ۽ آباد زمينن جا فصل تباھ ڪيا آھن. اسان جي عوام کي ھڪ آزاد ڪميشن جوڙڻ جو به مطالبو ڪرڻ گھرجي ته جيئن اصل محرڪ سامھون اچن ۽ جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سگھجي. فطرت جي بدليل حالتن جي گھرج آھي ته بحثن جو وقت پورو ٿي ويو، ھاڻي عمل ئي اسان کي بچائي سگھي ٿو، دريائن جا نه صرف فطري لنگھ بحال ڪيا وڃن پر پراڻيون ڍنڍون، ڍورا، ڪنب ۽ نارا نه رڳو بحال ڪيا وڃن پر انھن جي گنجائش وڌائي ايتري ڪئي وڃي جو انھن ۾ في ايڪڙ 10 لکن کان 15 لک گيلن پاڻي روڪڻ جي صلاحيت ھجي. جيڪو پاڻي اسان جي دريائي پاڻيءَ جي کوٽ وقت اسان جي فصلن جون ننڍي پئماني تي ضرورتون پوريون ڪري سگھي ٿو ۽ اسان پنھنجا مرندڙ فصل بچائي سگھون ٿا.
2010ع ، 2022ع ۽ هاڻي 2025ع جي تباھ ڪن ٻوڏن ملڪ جي معيشت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ اربين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي۔ ٿي سگھي ٿو ته ملڪ جي ڪافي علائقن ۾ پاڻيءَ جي گھڻائيءَ ڪري چيٽ جي پوکائي به نه ٿي سگھي. دنيا ۾ قدرتي آفتن کان بچاءَ جا مؤثر طريقا اپنايا وڃن ٿا، جن تي عمل ڪري مھذب ۽ ترقي يافتا قومون پنھنجو بچاءُ ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب به ويون آھن.
پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي جيڪو جاگرافيائي، ماحولياتي ۽ موسمياتي لحاظ کان قدرتي آفتن لاءِ نھايت نازڪ سمجههيو وڃي ٿو. زلزلا، سيلاب، گليشيئرز جي ڳرڻ ، لينڊ سلائيڊنگ توڙي گرمي ۽ سرديءَ ۾ اضافي سان ھرسال لکين ماڻھو متاثر ٿين ٿا. اھڙين قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھڪ مؤثر "ارلي وارننگ سسٽم” صرف اسان جي ضرورت ئي ناھي پر حقيقت ۾ انساني زندگين جي تحفظ لاءِ به اھميت رکي ٿو. اقوامِ متحده جي اداري برائي ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن (يو- اين- ڊي-آر- آر) جي مطابق جيڪڏنھن سمورا ملڪ مؤثر ارلي وارننگ سسٽم اختيارڪن ته سال 2030ع تائين تقريبن 50 ڪروڙ ماڻھن کي قدرتي آفتن کان بچائي سگھجي ٿو.