روزگار لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ ڏهرڪي جي نوجوانن تي پوليس جو وحشياڻو تشدد، سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي

گهوٽڪي ضلعو تيل، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي ذخيرن سان مالا مال آهي، پر افسوس ته مقامي ماڻهو، خاص ڪري تعليم يافته نوجوان  پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي وسيلن مان روزگار جو حق حاصل ڪري نٿا سگهن. ماڙي انرجيز جهڙي وڏي ڪمپني ۾ آپرينٽس شپ ٽريننگ مڪمل ڪندڙ مقامي نوجوانن کي مستقل نوڪري ڏيڻ بجاءِ رڳو ڪوڙا واعدا ۽ مختصر عرصي لاءِ عارضي نوڪريون پيش ڪرڻ اصل ۾ سندن شعور ۽ جذبي سان ٺٺول آهي. جڏهن اهو ناانصافيءَ وارو سلسلو گهڻو اڳتي وڌي ٿو ۽ نوجوان پرامن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس سندن آواز ٻڌڻ بجاءِ طاقت استعمال ڪندي کين لٺين، ڏنڊن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس سان رتو رت ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏيو جيڪو عمل ڪنهن به مهذب سماج  ۽ جمهوري ملڪ ۾ قبولڻ جوڳو نه آهي.

ماڙي انرجيز جي کوھ نمبر 6 تي احتجاج ڪندڙ نوجوانن خلاف جيڪا پوليس ڪارروائي ڪئي، اها نه رڳو بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، پر ان عملَ مان واضع ٿئي ٿو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس ڪمپني جي پگهاردار بڻيل آهي، جنهن پرامن احتجاج ڪندڙ  نوجوانن  کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي کين گرفتار ڪري ورتو، جن جي ملاقات تي به پابندي لڳائي وئي، سندن ان عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت ۽ انتظاميا پنهنجو غير قانوني عمل کي لڪائڻ چاهي ٿي.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڇو ڏهرڪي جا تعليم يافته نوجوان، جيڪي جديد فني مهارتون سکڻ کان پوءِ نوڪريءَ جا اميدوار آهن، کين مستقل نوڪري ڏيڻ بجاءِ ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن ٿا؟ قانوني ۽ اصولي طور ماڙي انرجيز جهڙين ڪمپنين تي لازم آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ 80 سيڪڙو نوڪريون مقامي ماڻهن کي ڏين، پر حقيقت اها آهي ته صرف 5 کان 10 سيڪڙو مقامي ماڻهو مستقل نوڪرين تي آهن. باقي نوڪريون ڌارين ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪي هيڊ آفيس ۾ ڀرتي ٿيڻ بعد ڏهرڪي فيلڊ ڏانهن بدلي ڪيا وڃن ٿا. اهو عمل مقامي ماڻهن سان ٻٽو ظلم آهي، هڪ ته انهن کان روزگار ڦريو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته سندن مستقبل کي بي يقينيءَ ۾ ڌڪيو وڃي ٿو. پوليس جو عمل انهيءَ ڪري به مذمت لائق آهي جو پرامن احتجاج ڪندڙ نوجوانن سان ڳالهيون ڪرڻ بدران کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪرڻ، لٺبازي ڪرڻ ۽ سندن اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ سان مسئلو حل نٿو ٿي سگهي، بلڪه وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿو. ماڙي انرجيز ۽ ضلعي انتظاميا جو هي رويو علائقي ۾ بي چيني، بي اعتمادي ۽ نفرت پيدا ڪري رهيو آهي. ساڳئي وقت، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي حراست به ظاهر ڪري ٿي ته حڪومت ۽ انتظاميا ڪنهن به مخالف آواز کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمد اسلم قادري ۽ ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتاح سميجي سان جيڪو سلوڪ ٿيو، اهو جمهوري قدرن جي بلڪل ئي خلاف، پوليس گردي ۽ خانگي ڪمپني جي بدمعاشي آهي. جنهن مقامي ماڻهن کي هيسائڻ لاءِ نه رڳو  طاقت ور ادارن جا رٽائرڊ ملازم ڀرتي ڪري رکيا آهن، پر اهي مقامي بااثر قبيلائي سردارن کي به پنهنجو سهولتڪار بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن مان هڪ سردار ڪجهه ڏينهن پهريان احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل هڪ شاگرد کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي.

ڏهرڪي تعلقي جي ڀرواري تعلقي اوٻاوڙي ۾ ٽي شگر ملون اڳ ۾ ئي هلي رهيون آهن ۽ هڪ نئين شگر  مل جو  تعميراتي ڪم به تيزي سان جاري آهي، پر افسوس جو انهن سڀني ملن ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته اوٻاوڙي جو علائقو پنجاب سان لڳو لڳ آهي، تنهن ڪري رحيم يار خان ضلعي جي مختلف شهرن مان بسون ڀري ٽي شفٽن ۾ مزدور آندا وڃن ٿا ۽ شفٽ ختم ٿيڻ تي وري ساڳين بسن ذريعي واپس موڪليا وڃن ٿا. ائين ڪرڻ سان ملن کي يقيناً واڌو خرچ برداشت ڪرڻو پوي ٿو، پر ان باوجود به اهي ويجهو گهرن وارن مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪو مقامي بي روزگارن سان وڏي ناانصافي آهي.

حڪومت ۽ ماڙي انرجيز جا ذميوار فوري طور تي گرفتار ٿيل نوجوانن کي آزاد ڪن ۽ سندن جائز مطالبن تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪن. مقامي ماڻهن کي مستقل نوڪريون ڏيڻ سندن قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي، جنهن کان ڀڄڻ نه صرف بدديانتي آهي پر مستقبل ۾ وڌيڪ تڪرار ۽ احتجاج کي جنم ڏيندو. انتظاميا کي ياد رکڻ گهرجي ته احتجاج کي طاقت سان ختم ڪرڻ سان مسئلا ختم نٿا ٿين، بلڪه حالتون وڌيڪ ڳڀير ٿي ويندويون ۽ احتجاج جو دائرو ضلعي ۽ سنڌ سطح تائين به پهچي سگهي ٿو، ان لاءِ پنهنجي حقن ۽ روزگار لاءِ احتجاج ڪندڙ ڏهرڪي جي نوجوانن جا مسئلا بنا دير حل ڪري حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ نه ڏبو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي مداختل ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڇا ڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن ئي روزگار ڏيڻ سندن ذميواري آهي. ماڙي انرجيز جهڙين ڪمپنين کان قانون تي عمل ڪرائي، مقامي ماڻهن کي سندن حق ڏئي. جيڪڏهن حڪومت پاڻ به خاموش تماشائي بڻيل رهي ته پوءِ عوام جو اعتماد حڪومت تان ختم ٿي ويندو، جيڪو ڪنهن به  سياسي پارٽي  لاءِ سڀ کان وڏو نقصان هوندو آهي ۽ عوام پنهنجو انتقام چونڊن دوران وٺندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.