بيان بازي سان نه پر حڪومتي ڪارڪردگي ذريعي مقابلو ڪرڻ گهرجي

چوندا آهن ته جيڪڏهن اوهان هڪ  ڏانهن آڱر کڻندئو ته ڏهه آڱريون  پوءِ اوهان ڏانهن به کڄي سگهن ٿيون، اهڙي صورتحال اڄ ڪلهه سنڌ ۽  پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي وزيرن سان به لاڳو آهي. تازو چؤماسي جي برساتن  ۽ ٻوڏن جو پنجاب صوبن کي ٻوڙي ڇڏيو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن کي پنجاب جي مسلم ليگ (ن) جي صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ۽ پوءِ جواب ۾ پنجاب حڪومت جي وزيرن به سنڌ حڪومت جي برساتن ۽ ٻوڏن واري صورتحال ۾ ڏيکاريل بيڊ گورننس ڏانهن آڱريون کڻڻ شروع ڪيون. ان حوالي سان ڪالهه به پنجاب جي خاتون وزير اعليٰ مريم نواز سنڌ حڪومت کي مخاطب ٿي ان کي تنقيد جو نشانو بڻايو. ان کان اڳ ۾ به هن بلاول ڀٽو زرداري کي جواب ڏنو هو ته پنجاب حڪومت کي مشورا ڏيڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي کي سڌاريو.

سو اسان جو به اهو ئي خيال آهي ته هڪٻئي سان بيان بازي جو مقابلو ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي سان هڪٻئي جو مقابلو ڪيو. ان معاملي ۾ خاص ڪري سنڌ حڪومت کي گڊ گورننس ڏيکارڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اها اونئن ئي بيڊگورننس ۽ ڪرپشن ۾ بدنام رهندي آئي آهي. هاڻي به هيلوڪي برساتن ۾ خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ۾ان جي ڪارڪردگي ڏاڍي خراب رهي آ، اهڙي حڪومت کي اخلاقي طور تي ڪو جواز ناهي ته اها ڪنهن ٻئي صوبي جي ڪارڪردگي تي آڱريون کڻي  سگهي ڇاڪاڻ ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي ئي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل نظر آئي.

هن سال چؤماسي جي برساتن سنڌ جي ننڍن شهرن جي روڊن رستن کي ته ڀڃي ڇڏيو آهي ۽ روڊن رستن ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن پر ان معاملي ۾ هن ڀيري ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر جي سڀني روڊن کي پڻ ڀڃي ڇڏيو آهي. سواءِ شاهراهه فيصل جي ڪراچي جو ڪو به روڊ رستو ناهي رهيو جنهن کي هنن برساتن نقصان نه رسايو هجي. ڪراچي کي هيلوڪي برساتن ٻيو وڏو نقصان اهو ڏنو آهي جو هيل ڪراچي جو سڄو سيوريج نظام به جواب ڏئي ويهي رهيو آهي جنهن نتيجي ۾  ننڍن روڊن تي ته ٺهيو پر وڏن ۽ اهم روڊن تي به گٽرن جو گندو ۽ ڌپارو پاڻي تلاءُ بڻجي بيهي رهيو آهي. ان صورتحال تي عام تاثر اهو آهي ته پ پ جي سنڌ حڪومت ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر کي به پنهنجي ناقص حڪومتي ڪارڪردگي سان لاڙڪاڻي جهڙو شهر بڻائي ڇڏيو آهي. هيءَ ڳالهه ان ڪراچي شهر جي  ٿي رهي آهي جنهن ۾ ورهين کان پوءِ پ پ کي ميئرشپ ملي آهي جڏهن ته ان کان اڳ وڏي عرصي کان ڪراچي جو مڪاني نظام ايم ڪيو ايم جي حوالي هو پر  جڏهن کان ڪراچي جو مڪاني نظام پ پ کي مليو آهي ته بجاءِ ان جي ته پ پ ان کي چئلينج سمجهي ڪري هلائي  ها ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجي مخالف ووٽر کي پنهنجي ڪارڪردگي سان لاجواب ڪري ها ۽ سندن دليون کٽي ڏيکاري ها ان رهندو پاڻ کي بدنام به ڪيو آهي ۽ جڳ به کلايو آهي. عام ماڻهو پ پ جي حڪومت تي اهڙيون ٺٺوليون ڪري رهيا آهن جيڪي هتي بيان به نه ٿيون ڪري سگهجن. چوڻ وارا ته شهر جي خراب حالت ڏسي پ پ جي ان نعري کي به مذاق بڻائيندا آهن ته ” ڀٽو زنده آهي، چوندا آهن ته  سنڌ تڏهن ترقي ڪندي جڏهن اهو  زنده نه رهندو.“ ٻيو ته عام طور تي اهو به تاثر آهي ته پ پ جي حڪومت کي سندس ڪرپشن کائي وئي آهي سڀ فنڊ حڪمرانن جي کيسن ۾ هليا وڃن ٿا. عوام تي، شهر تي ۽ انهن جي روڊن رستن تي خرچ نٿا ٿين. هاڻي ته پ پ جا پنهنجا ماڻهو به حڪومت جي ڪارڪردگي مان خوش ناهن ۽ اهو چوڻ لڳا آهن ته ايندڙ چونڊن ۾ شل ئي اها کٽي سگهي.

بهرحال اسان جو خيال آهي ته پ پ وٽ هاڻي به پنهنجي حڪومت کي بهتر بڻائڻ جو موقعو آهي جيڪڏهن اها گڊگورننس ڏانهن ڌيان ڏئي ۽ طاقت جي نشي مان پاڻ کي ڪڍي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي بابت حقيقي صورتحال معلوم ڪري پر هاڻي جيڪڏهن ڪير حڪومت کي پنهنجو به ڪو اڳواڻ سچ ٻڌائي ٿو يا سڄڻائپ ۾ اصلاح ڪري ٿو ته الٽو انهن کي پارٽي جو دشمن تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ کين گڊبڪ مان ڪڍيو وڃي ٿو تنهن ڪري اڪثر ماڻهو مصلحتن طور خاموش ئي رهن ٿا، جيڪو رويو خود پ پ لاءِ درست ناهي. پ پ جي باني ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ مشهور هوندو هو ته پارٽي جي اڳواڻن کي چوندو هو ته حڪومت جي ڪارڪردگي بابت عوام جيڪو به چئي ٿو سو مون کي بنا لڪائڻ جي ٻڌايو وڃي ته  جيئن مون کي حقيقت جي خبر پئجي وڃي پر اڄ جي قيادت جي آڏو حقيقت کي لڪايو وڃي ٿو ۽ ان ۾ئي هر ڪو پنهنجي عافيت سمجهي ٿو.هونئن ته سنڌ حڪومت چئي چڪي آهي ته جلد ئي ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل ۽ کڏا پيل روڊن جي مرمت ڪرائي ويندي پر في الحال ان ڏس ۾ ڪا عملي اڳڀرائي نظر نه ٿي اچي. جڏهن ته ڪراچي جي روڊن رستن جي صورتحال خراب کان خراب ئي ٿي رهي آهي. ڪراچي جي ماڊل ڪالوني واري اهم روڊ تي جيڪو ملير هالٽ ڏانهن وڃي ٿو تنهن جي ڀرسان هڪ ئي وقت وڏن کڏن ۽ وري گٽر لائين جي ڦاٽڻ جو مسئلو آهي جنهن سبب گندو پاڻي پڻ روڊ تي بيٺل آهي. ان روڊ جي اها حالت چؤماسي جي موسم کان اڳ ئي اهڙي بدترين  هئي جيئن ته ڪافي مهينن کان ان گٽر لائين جي به مرمت نه ٿي سگهي آهي تنهن ڪري گٽرن جو پاڻي روڊ ۾ پيل وڏن کڏن ۾ پئجي ويو آهي ته اتان هلندڙ گاڏين کي بيٺل پاڻي سبب کڏن جي خبر نٿي پوي ۽ گاڏيون توڙي موٽر سائيڪلون انهن کڏن ۾ ڦاسي پون ٿيون جنهن ڪري اتي روز بدترين نموني ٽريفڪ جام رهي ٿي.

سو سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي ڏسڻي هجي ته ٻنهي صوبن جي روڊن کي ڏسبو ته  ته ”وڻ ڏٺو شهر ڏٺو“ جي مصداق سڀ خبر پئجي ويندي. اها حقيقت ته  عالم آشڪار آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي روڊن جي معيار ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي.تنهن ڪري سنڌ حڪومت جي وزيرن کي واقعي به گهرجي ته اهي پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ڏانهن ڌيان ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.