لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته جيڪڏهن اسان تي تنقيد ڪندڙ پنهنجي صوبي ۾ ڪم ڪن ها ته متاثرن جو ڀلو ٿئي ها، پنجاب تي تنقيد ڪندڙ پنهنجن صوبن ۾ ته ڪم ڪن، پنجاب پهريون صوبو آهي جنهن 25 لک ماڻهن جي ٻوڏ دوران مدد ڪئي، ٻوڏ متاثرن جي سروي مهم جي تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته راتيون جاڳي متاثرن جي مدد ڪئي، تصويرون ٺهن ٿيون ته ماڻهن کي خبر پوي ٿي ته حڪومت گڏ بيٺل آهي، ڪم ڪندڙ ڪئمرائن کي منهن ڏيندا آهن، پنجاب حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، ٻيا ماڻهو رڳو تنقيد ۾ مصروف آهن، آفيس ۾ ويهي تصويرون ڪڍائڻ آسان آهي پر چپ ڪري ڪم ڪرڻ سان آرام نٿو ٿئي، مريم نواز چيو ته تنقيد صرف پنجاب حڪومت تي ٿي رهي آهي ڇو ته اها ڪم ڪري رهي آهي، تنقيد ڪندڙن کي پنهنجي صوبي جي متاثرن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.