اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشا خان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو معاهدو سٺو سنوڻ ضرور آهي، پر بچاءَ وارو ۽ پرڏيهي وزير ٻڌائن ته پرڏيهي پاليسي کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا؟ اتحادي ڌرين کي اعتماد ۾ ئي نه پيو ويو، اسان جو ڪو به ميمبر ڪنهن اهم وفد جو حصو نه هوندو آهي، جيڪڏهن سڀ ڪجهه باءِ پاس ڪري ڪرڻو آهي ته پوءِ کلي ڪري ٻڌايو وڃي. پلوشه خان چيو ته ٻوڏ کانپوءِ اعلان ڪيل زرعي ايمرجنسي عملي طور ڪجهه به ناهي، هڪ مهيني جي بلن جي معافي متاثرن لاءِ ڪا اهميت نٿي رکي. جيستائين ٻڏل ماڻهو ٻيهر پنهنجن پيرن تي نه بيهندا، تيستائين سندن بل مڪمل طور معاف ٿيڻ گهرجن. سينيٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب کي ڪو فتح نه ڪيو ويو آهي، هي صوبي ۾ ووٽن جي بنياد تي اڄ ڪنهن وٽ آهي ته سڀاڻي ٻئي وٽ به وڃي سگهي ٿو. صوبائيت کي وڌائڻ ۽ سخت زبان استعمال ڪرڻ اتحادي لاڳاپن لاءِ مناسب ناهي. پيپلز پارٽي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. هن چيو ته قرض اتارو، ملڪ سنوارو اسڪيم به پنهنجي انجام تي تاريخي ناڪامي بڻجي وئي هئي، ان جو قصو وري ڪنهن ٻئي وقت ٻڌائينداسين.