رياض (م ڊ) سعودي عرب جو مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل شيخ لاڏاڻو ڪري ويو. سعودي خابرو ايجنسي موجب شاهي اعلان ڪيو ويو ته سعودي عرب جو مفتي اعظم، شيخ عبدالعزيز بن عبدالله بن محمد آل الشيخ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سعودي ميڊيا موجب مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل شيخ جي جنازي نماز ٻيهپريءَ واري نماز کانپوءِ رياض جي امام ترڪي بن عبدالله مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته مفتي اعظم جي لاڏاڻي سان سعودي عرب ۽ اسلامي دنيا هڪ ممتاز عالم کان محروم ٿي وئي آهي، سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان مفتي اعظم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف سعودي مفتي اعظم جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ عبدالعزيز بن عبدالله جي وفات سعودي عرب ۽ سموري مسلم دنيا لاءِ المناڪ خبر آهي، مرحوم سڄي حياتي قرآن ۽ سنت جي تبليغ، شريعت جي وضاحت ۽ امت جي رهنمائي ۾ گذاري.