تيـره ۾ شهري مارجڻ تي احتجاج، فوجي ڪارروايون نه ٿا روڪي سگهون\علي امين گنڊاپور

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي ضلعي خيبر جي وادي تيـراه ۾ 21 شهرين جي مارجڻ خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وڏيوزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته  فوج جون ڪارروايون آئين تحت انهن جو حق آهي، اسان وٽ اختيار ناهي ته روڪي سگهون، احتجاج  نه رڳو باڙا پر سموري ضلعي خيبر ۽ پشاور مان به ماڻهو شريڪ ٿيا.مقامي اڳواڻن چيو آهي ته احتجاج دوران ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات تيـراه ۾ اوچتو ڌماڪا ٿيا هئا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ماڻهو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، مارجي ويا. وزيراعليٰ خيبر پختونخوا علي امين گنڊاپور قبائلي عمائدين سان ملاقات دوران فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ هڪ، هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو، ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ جاچ جو مطالبو به ڪيو ويو، جنهن تي اسپيڪر جاچ ڪميٽي جو اعلان ڪيو. علي امين گنڊاپور چيو ته  صوبي ۾ فوج جيڪا ڪارروايون ڪري رهي آهي، اها آئين تحت انهن جو حق آهي، ان تي اسان وٽ اختيار ناهي ته انهن کي روڪي سگهون.پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ چيو ته هن صوبي ۾ جيڪا دهشتگردي ٻيهر شروع ٿي آهي، اها ڪيترن ڏهاڪن کان جاري آهي. پر عام شهرين جو مارجڻ قبول نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.