تيره ڌماڪو: ٽي ٽي پي جي بارودي فيڪٽري مان ٿيل سانحو، حقيقت وائکي

پشاور (خصوصي رپورٽ) خيبر جي علائقي تيراه ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جون تفصيلون سامهون اچي ويون آهن۔ پوليس موجب هي ڪيمپائونڊ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جيخوارج ڪمانڊرن امان گل ۽ مسعود خان جي استعمال ۾ هو، جتي وڏي مقدار ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار ذخيرو ڪيا ويا هئا۔ ٻه ڏينهن اڳ رات دير سان اوچتو هڪ زور دار ڌماڪو ٿيو ڌماڪن جي نتيجي ۾ ٽي کان چار گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو فوت ٿي ويا، جن ۾ 14 مبينه شدت پسند (ٽي ٽي پي جا خوارج) ۽ ڏهه عام شهري، عورتون ۽ ٻار شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.