ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) ملڪ جي ماحوليات ۽ پاڻيءَ جي ماهر حسن عباس چيو آهي ته ِ تي پاڻي گڏ ڪرڻ، بجليءَ ۽ زراعت لاءِ ڊيمن کان وڌيڪ ٻيا جديد طريقا موجود آهن، انهن تي خرچ ٿيڻ گهرجي دنيا ۾ ڊيمن ٺاهڻ وارن طريقي تباهي آندي آهي، حڪومت جا ڊيمن ٺاهڻ، ان مان مال ڪمائيندڙ تيار ڪيل موسميات ۽ پاڻيءَ جا ڪوڙا ماهر هر سال اهو خوف ڦهلائن ٿا ته ايندڙ سال ملڪ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ سوڪهڙو ٿيندو، جيستائين پاڻيءَ جا ذريعا جبل، سمنڊ ۽ برسات موجود آهي، ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا نه ٿيندي ۽ پنجاب ۾ آيل تازي خطرناڪ ٻوڏ ڀارت جي آبي دهشتگردي نه پر اسان جي آبي جهالت آهي. . هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان هڪ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ليکڪ ايڊووڪيٽ امان الله شيخ، ليکڪ اعجاز قريشي ،ماحوليات جو ماهر ۽ ليکڪ ناصر پنهور ،پاڻي ماهر ابراهيم سمون، آغا سعيد ۽ ٻيا موجود هئا. حسن عباس چيو ته جيترو عرصو ڊيم ٺاهڻ جي مهم ۽ ان جي فائدن تي لڳايو ويو آهي، ڊيم جي نقصانن تي به وقت لڳندو. هن چيو ته ننڍيون ٻوڏن به ڊيم روڪي نه ٿو سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اها غير سائنسي ڳالهه آهي ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع ٿئي ٿو، زندگيءَ جي ارتقا سمنڊ مان ٿئي آهي، جيڪڏهن درياهن جو وجود نه اچي ها ته زمين جو خشڪ حصو زندگيءَ کي پيدا ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جي لائق نه هجي ها، سنڌو درياھ صرف پاڻي جو وهڪرو نه پر تهذيب ۽ ثقافت پيدا ڪرڻ جو سهارو به آهي، حسن عباس چيو ته ملڪ ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نه آهي، پر بدانتظامي آهي ،پاڻي جي کوٽ هجي ها ته پاڻي جا ٽينڪرن وارا رڙيون ڪن ها، سنڌو درياهه جي جر ۾ 500 ملين ايڪڙ پاڻي موجود آهي، جنهن مان چوماسي جي موسم کان پوءِ 50 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ايندڙ برساتن ۾ پورو ٿي ويندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ مڪران ۽ ٻين هنڌن تي ٺهيل ڊيمن تباهي آندي. حسن عباس چيو منگلا ڊيم ۽ ڊيمن مان ٺهندڙ بجلي جي هڪ سو وولٽ جي بلب تي 20 هزار روپيا خرچ ٿين ٿا، سموري دنيا سولر نظام طرف وڃي رهي آهي جيڪڏهن سمنڊ ۾ پاڻي جا رستا روڪيا ويا ته پنجاب به ختم ٿي ويندو. حسن عباس چيو ته سرڪار طرفان ڊيلٽا بئراج ٺاهڻ واري ڳالهه فني طور غلط آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي ۾ کوٽ پيدا ڪئي وئي ته ان سان ڊيلٽا کي وڌيڪ نقصان ٿيندو. هن چيو ته ڊيمن مان ٺهندڙ بجلي به ماحول دوست ناهي، ان مان به ايتريون گدلاڻ پيدا ڪندڙ گئسون نڪرن ٿيون جيترو نقصان ڪوئلي جي بجلي گهر مان ٿئي ٿو.