اسلام آباد( بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪڻڪ نه گهرائڻ تي اتفاق تان يوٽرن وٺندي ڏيڍ ارب ڊالرن جي ڪڻڪ گهرائڻ جو اشارو ڏنو آهي. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس دوران وفاقي وزير ڪڻڪ بابت پاليسي جلد آڻڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ڪوشش آهي ته آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ ڪڻڪ پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي، ۽ ڪڻڪ جي امدادي اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عالمي مالي اداري (آءِ ايم ايف) سان به ان سلسلي ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. موجوده حالتن کي ڏسندي لڳي ٿو ته هن سال ڪڻڪ جي پوک ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي. ميٽي پاران کنڊ بابت سوالن جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسان 15 ڪروڙ ڊالر جي کنڊ درآمد ڪري رهيا آهيون. مافيا جي ڪري کنڊ جا اگهه وڌيا آهن. رانا تنوير چيو آهي ته حالتون ڏسي لڳي ٿو ته هن ڀيري ڪڻڪ جي پوک گهٽ ٿيندي. قومي اسيمبلي جي خوراڪ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سيد حسن طارق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير رانا تنوير شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي رانا تنوير چيو ته گذريل سال کنڊ بچيل هئي، ۽ 13 لک ٽن وڌيڪ پيداوار ٿي، آڪٽوبر ۾ اسان 5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي.وفاقي وزير ٻڌايو ته موسمياتي تبديلي سبب هيٽ ويو (گرمي جي لهر) آئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمند ۾ "سڪروز” گهٽجي وئي، پوءِ مافيا جيڪو ڪيو، ان سان کنڊ جا اگهه وڌي ويا. هاڻ اسان 150 ملين ڊالر جي کنڊ گهرائي رهيا آهيون. اڄ کنڊ جو اگهه 170 رپيا في ڪلو آهي. هن وقت اسان وٽ 210 لک ٽن کنڊ موجود آهي. هن ڀيري به ڪمند جو بمپر فصل هو پر هاڻ اهو به ٻوڏ سبب متاثر ٿي سگهي ٿو. اڄ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته ڇا ڪڻڪ تي امدادي اگهه ڏئي سگهون ٿا. مون پنجاب حڪومت کي به چيو آهي ته امدادي اگهه سان ماني جي قيمت شايد رڳو هڪ رپيو وڌي.اجلاس دوران ڪميٽي ميمبر عبدالقادر چيو ته اسين ڏکڻ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پوک ڇڏڻ تي مجبور آهيون، ٻوڏ زراعت کي سخت متاثر ڪيو آهي. ان تي رانا تنوير چيو ته موجوده حالتن مان لڳي ٿو ته هن سال ڪڻڪ جي پوک گهٽ ٿيندي.