نيپرا جي عوام دشمن فيصلن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ عامر صديقي پاران نيپرا جي عوام دشمن فيصلن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن هُن صرف حلف نامو جمعڪرايو هو ، درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي به ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ناڪامي جو بار صارفين تي وڌو ويو آهي، ان سان ڪراچي جي رهواسين، ڪاروباري ۽ صنعتي صارفين تي شديد اثر پوندا، شهر جي معيشت ويهجي وڃڻ جو خدشو ۽ ڪاروبار وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندو، ڪراچي وارن کي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي، 174 ارب رپين جي بجلي چوري واري رقم صارفين کان وصول ڪرڻ جو اختيار ڪي الڪٽرڪ کي ڏيڻ خلاف درخواست جمع ڪرائي وئي آهي،  درخواست ۾ نيپرا سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ ۽ حڪومتن کي به ڌر بڻايو ويو .

  1. لانڍي ۾ معصوم ٻار کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي لانڍي واري علائقي مان ملندڙ ٻار جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل، زيادتي جي تصديق، ڪراچي جي علائقي لانڍي مان ملندڙ ٻار جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس سرجن تصديق ڪئي آهي ته ٻار سان زيادتي ڪئي وئي هئي، رپورٽ موجب ٻار جو موت  مٿي ۾ ڳري شيءِ لڳڻ سبب ٿيو، لانڍي مان 5 ڏينهن کان گم ٻار جو ٻوري بند لاش ڪچري جي ڍير تان مليو هو، جناح اسپتال ۾ لاش جي سڃاڻپ 7   سالن جي سعد علي ولد سلمان علي طور ٿي، پوليس موجب مقتول ٻارڙو 18 سيپٽمبر تي لانڍي ٿاڻي جي حدن ۾ بي ايريا گوشت مارڪيٽ ڀرسان گم ٿيو هو، ٻار جي والد جو چوڻ آهي ته سعد سندن اڪيلو پٽ هو، تازو ئي اسڪول ۾ داخلا ڪرائي هئي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پوليس آفيسر بيان جاري ڪندي چيو آهي ته علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي علائقي جي ٻن جوابدارن سهيل ۽ محمد حسن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي مبينا طور زيادتي ۽ قتل ۾ ملوث هئا، ٻئي جوابدار مقتول کي سڃاڻيندا هئا.

  1. عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بينچ ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ او پي ايس تي جونيئر جي مقرري جو ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ رفيق قريشي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست فريده شمع

۽ ٻين پاران داخل ڪئي وئي، درخواستگذار جي وڪيل چيوته  سپريم ڪورٽ 2014 ۽ 2018 ۾ او پي ايس، اضافي ۽ قائم مقام چارج ڏيڻ کي غير قانوني قرار ڏنو هو، عدالتي حڪمن باوجود اصل اميدوار جي بدران اضافي چارج ۽ او پي ايس چارج ڏيڻ قانون جي خلاف آهي، درخواستگذارجي وڪيل چيو ته عدالت او پي ايس تي عهدن تي مقررين کي غير قانوني قرار ڏنو آهي، سينئر ۽ قابليت رکندڙ استاد هجڻ باوجود جونيئرز کي هيڊماستر مقرر ڪرڻ خلاف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.