مورو (عوامي آواز نيوز) مورو جي گچيرو روڊ تي جانورن جي اسپتال وٽ گھرو اڻبڻت تان جوابدار پنهنجي ٻي زال کي ڪهاڙي جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا غلام پروين جي عمر 45 سال ٻڌائي وڃي ٿي، مقتولا جي پٽ عامر چڻو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي امڙ غلام پروين ست سال اڳ اسان جي پيءُ محمد عثمان چنا کان طلاق وٺي دولتپور واسي غلام شبير چنا سان ٻي شادي ڪئي هئي، مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ شاهزيب امڙ سان گڏ رهندا هئاسين، اسان ڪم تي هئاسين تڏهن اطلاع مليو ته اسان جي امڙ تي حملو ڪيو ويو آهي، پهچڻ بعد خبر پئي غلام شبير ڪهاڙي جا وار ڪري امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، قاتل کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن.