ميرو خان ۾ ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ خراب

ميروخان (رپورٽ: صفدر علي تنيو) ميروخان ۾ خوراڪ کاتي جي لاپرواهي سبب ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪڻڪ خراب، المڪه رائيس مل ۾ کليل آسمان هيٺ پيل ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون واهر نه ٿيڻ ڪري اُس ۾ ڳري ويون، ڪڻڪ ڪاري ٿي وئي، ميروخان ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب سرڪار پاران خريد ڪيل ڪروڙين روپين جي ماليت جي ڪڻڪ خراب ٿي وڃڻ کان پوءِ کائڻ جي لائق نه رهي ، چار سال اڳ خوراڪ کاتي جي عملدارن پاران شهر جي مقامي المڪه رائيس مل ۾ خريد ڪري رکيل هزارين ٻورين ۾ ڀريل ڪروڙين روپين جي ماليت جي هزارين مڻ ڪڻڪ جون ٻوريون وقت سر نه کڻڻ ۽ خوراڪ کاتي جي ڪامورن ۽ عملدارن پاران مالڪي نه ڪرڻ ڪري اُس تي ڳري خراب ٿي ويون، رائيس مل جي مالڪ شهزادو چانڊيو ٻڌايو  ته سال 2022 ع ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن پاران بارداڻي جي صورت ۾ آبادگارن کان سرڪاري رقم عيوض خريد ڪري سرڪاري بارداڻي ۾ رکيل ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون اُس ۾ پيل هجڻ ڪري ڳري ويون آهن جنهن ڪري ڪڻڪ ڪاري خاڪ بڻجي ڌپ ڪري وئي آهي، ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪڻڪ انسان ته ڇا پر جانورن جي کائڻ لائق به نه رهي پر چار سالن جو ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود ڪڻڪ خريد ڪندڙ خوراڪ کاتي جي عملدارن کي بار بار آگاهي ۽ اطلاع ڏيڻ باوجود انهن سرڪار جي ڪروڙين رپين عيوض خريد ڪيل ڪڻڪ کي نه ته کڻائي ويا آهن نه ئي ڪا واهر ڪئي آهي جنهن ڪري رائيس مل جي اڱڻ تي لاوارث حالت ۾ پيل ڪڻڪ بلڪل ناڪارا بڻجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.