نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس مودي سرڪار جي فلسطين پاليسي کي شرمناڪ ۽ اخلاقي بزدلي قرار ڏنو آهي۔ پريانڪا گانڌي چيو ته ڀارت 1988ع ۾ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن ۾ شامل هو، پر گذريل 20 مهينن ۾ ڀارت پنهنجو دليراڻو موقف ڇڏڻ ۾ مجبور ٿيو آهي. جئي رام رميش ياد ڏياريو ته آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ برطانيا فلسطين کي تسليم ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ڀارت پنهنجي تاريخي پوزيشن تان پوئتي هٽيو آهي. ڪانگريس اڳ به مودي سرڪار جي اسرائيل تي خاموشي جي مذمت ڪري چڪي آهي.