عوامي تحريڪ پاران ڪانفرنس لاءِ دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي/حيدرآباد/ملير (پ ر)24 سيپٽمبر تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سياسي، سماجي ۽ وڪيل اڳواڻن کي دعوت ڏيڻ جو سلسلو جاري، اڄ وڪيل اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون. ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڪراچي ڊويزن جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، سنڌي شاگرد جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر ايڊووڪيٽ پرھ سومرو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو جي اڳواڻي ۾ وفد اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ مسعود نوراني، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر ڪاظم حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ محمد حسيب پنهور، ڪي بي اي جنرل سيڪريٽري محمد رحمان ڪورائي، ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، سپريم ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ اشرف سمون، ايڊووڪيٽ رياض حسين سبزوئي، ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ، سپريم ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ شهاب اوستو، ايڊووڪيٽ اڪبر ملڪ ۽ ٻين شخصيتن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني وئي.  ڪراچي بار ۾ وڪيل اڳواڻن سان ڳالهائيندي نور احمد ڪاتيار چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش، ڪالاباغ ڊيم ۽ نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زرعي زمين عرب ملڪن، دفاعي ادارن ۽ وڏين ڪمپنين حوالي ڪرڻ، پيڪا ايڪٽ ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جهڙن ڪارن قانونن، ۽ ٻين سنڌ دشمن پاليسين خلاف ڪانفرنس ۾ گڏيل آواز بلند ڪيو ويندو. هن چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ کي جواز بڻائي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائي پئي وڃي. ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو پاران حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ غلام نبي جروار، شبير مري، ارباب جنهجه ، نويد جروار ۽ ٻين وڪيل اڳواڻن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.