ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ پوليس اهلڪار فضل کوسو جي آزادي لاءِ پوليس جو ٽئين ڏينهن به ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهيو، گذريل 3 ڏينهن کان ڀيو گينگ خلاف آپريشن ۾ 3 ڏوهاري صحبت جاگيراڻي، شاهد ڀيو، شفيق عرف اڌڙ ڏاهاڻي مارجي ويا، 6 ڏوهاري زخمي ٿيا، ڀيو گينگ جي ڏوهاري خادم ڀيو خلاف آپريشن ۾ جديد هٿيار استعمال ڪيا پيا وڃن، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گهانگهرو جو چوڻ هو ته اسان کي هن مهل تائين ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ ڪاميابيون مليون آهن، پوليس اهلڪار فضل کوسو کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، اغوا ٿي ويل مغوي پوليس اهلڪار فضل الرحمان کوسو جي ٻي وڊيو جاري ڪئي وئي، ڏوهاري خادم ڀيو پوليس اهلڪار جي هڪ وڌيڪ وڊيو وائرل ڪئي، وڊيو ۾ پوليس اهلڪار جو چوڻ آهي ته مان ڌاڙيلن وٽ قيد آهيان، مونکي بازياب ڪرايو وڃي، مونکي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي مونکي جلد بازياب ڪرايو وڃي، منهنجي بازيابي جون خبرون ڪوڙيون آهن.