سوچڻ جو عمل ته هر جاندار وٽ آهي، پر تعميري سوچَ (تفڪر)، انسان کي باقي مخلوقن کان مختلف ڪري ٿي، جيڪا شعورَ جي پيڙهه رکي ٿي. سوچَ، شعورَ جو سرچشمو آهي ۽ ان جي ڪري ئي هن وقت تائين ڄاتلَ باقي جاندارن ۾ انسان جي امتيازي سُڃاڻپ آهي. سوچَ، ذهنَ جي ڪرت آهي ۽ هر جيءَ جو دماغ هر وقت اِن ڪرت ۾ رڌل رهي ٿو. سوچ جو عمل هر جاندارَ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي سندس انت تائين جاري رهي ٿو ۽ هُو پنهنجيءَ حيات جو هر لمحو (ايتريقدر جو ننڊ ۾ به) سوچيندو رهي ٿو.
سوچڻ جا ڪيئي اندازَ آهن، جن کي نفسيات جي ماهرن پاران درجي بنديءَ جي لحاظ کان ڪجهه اهم قِسمن ۾ ورهايو ويو آهي. جن مان 7 مک قسم هي آهن:
1 ــ تجزياتي سوچَ / تجزياتي اندازِ فڪر (Analytical Thinking): وچڙيلَ مسئلن کي ننڍن ڀاڱن ۾ ورهائي هر حصي تي ڌار ڌار ڌيان ڏئي مختلف حصن جي صورت ۾ وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ جي انداز کي ’تجزياتي سوچَ‘ چيو ويندو آهي. هي سوچ جو انداز، معاملن يا مسئلن کي بهتر انداز ۾ سمجهي سگهڻ ۽ ان ڏس ۾ سؤلڙائيءَ سان فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪري اختيار ڪبو آهي. تجزياتي سوچ هڪ طاقتور ذهني عمل آهي، جيڪو توهان کي الجهيلَ مسئلن کي سؤلن حصن ۾ ورهائڻ، لاڳاپن کي سمجهڻ ۽ ڄاڻ تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. سوچ جو هي انداز اُن جاسوسَ جي سوچ وانگر آهي، جيڪو موجود نشانين جو جائزو وٺي، نمونن جِي سڃاڻپ ڪري، هڪ تصوير جي پکڙيل حصن (Puzzle) کي گڏ ڪري سمجهي ۽ ان مان نتيجا ڪڍي.
2 ـ تخليقي سوچَ (Creative Thinking): نون خيالن ۽ تصوّرن جي پيداوار واري سوچ کي تخليقي فڪر جو انداز چئبو آهي. جيڪو غير معمولي انداز ۾ سوچڻ واريءَ صفت تي ٻڌل هوندو آهي. تخليقي سوچ ۾ اوهانجو وجدان ڪنهن مخفي قوّت جيان توهانکي ظاهر کان اڳتي ڏسڻَ، نوان خيال تخليق ڪرڻ ۽ اهي ڳالهيون پاڻ ۾ ڳنڍڻ جي سگهه ڏيندو آهي، جيڪي عام اک کان اوجهل هونديون آهن. هيءَ سوچَ، نواڻ، تخيّل ۽ روايتي مسئلن جي نَوَن حلن جي ڳولا بابت وؤڙي ٿي. تخليقي سوچَ جي اهم پهلوئن ۽ عنصرن ۾ تخيّلُ ۽ نواڻِ، وکريل سوچَ کي ترتيب ۾ سموهڻ جو هنر، اڻ لاڳاپيل خيالن کي ڳنڍڻ، خطرا (رسڪ) کڻڻ ۽ کليل ذهنيت واري روشن خيال سوچ شامل آهن.
3 ــ تنقيدي سوچَ (Critical Thinking): هي، عقلي فيصلا ڪرڻ لاءِ معلومات جو منظم جائزو وٺڻ واري سوچ جو انداز آهي. فڪر جو هي انداز اُلجهيلَ مسئلا حل ڪرڻ ۽ ان بابت فيصلا ڪرڻ ۾ اهم آهي. تنقيدي سوچ ۾ معلومات، دليلن ۽ مفروضن کي منظم طريقي سان پرکڻ شامل هوندو آهي، ته جيئن دليلن تي ٻڌل فيصلن تي پهچي سگهجي. ان ۾ ثبوتن جو تجزيو ڪرڻ، جانبداريءَ جِي سڃاڻپَ، منطق تي سوال ڪرڻ ۽ مختلف رُخن کان سوچڻ شامل هوندو آهي. تنقيدي سوچ رکندڙ ماڻهو پنهنجي ذات ۾ تجسس رکندڙ هئڻ جي باوجود، کليل دماغ وارا ۽ مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڀَڙُ ٿين ٿا، جيڪي ذاتي، علمي ۽ پيشوراڻين حالتن ۾ واضع ۽ دليلن تي ٻڌل فيصلا ڪن ٿا.
4 ــ واضح / ٺوس سوچَ (Concrete Thinking): هن قسم جي سوچَ جو انداز اظهار جِي لفظي معنيٰ ۽ محسوس ٿيندڙ شين ڏانهن ڌيان ڏيڻ تي مرڪوز هوندو آهي. واضح سوچ ۾ محسوس ٿيندڙ لفظن، ان جي مفهومَ ۽ بظاهر نظر ايندڙ حقيقتن تي ڌيان ڏنو ويندو آهي. اھا سوچَ حقيقت جِي سادي ۽ لفظي تشريح سان جُڙيل هوندي آهي. هن قسم جي سوچ رکندڙ ماڻهو مادي شين ۽ سڌي تجربي سان بهتر نموني نڀائين ٿا. ٻارن جي ابتدائي واڌ ويجهه ۾ هن قسم جي سوچ جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.
5 ــ تجريدي سوچَ (Abstract Thinking): هي پيچيده ۽ الجهيلَ تصورن کي سمجهڻ ۽ بظاهر غير لاڳاپيل خيالن کي هڪٻئي سان جوڙڻ واري سوچ جو انداز آهي. تجريدي سوچ اھڙي ذهني صلاحيت آهي، جيڪا مادِي ۽ ظاهري طور نظر ايندڙ شين کان اڳتي وڌي خيالن، تصوّرن ۽ لاڳاپن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. هيءَ سوچ انسان کي پيچيده خيالن جهڙوڪ انصاف، آزاديءَ يا نظرين کي سمجهڻ جي قابل بڻائيندي آهي. هن قسم جي سوچَ رکندڙ ماڻهو بظاهر اڻ لاڳاپيل لڳندڙ خيالن کي ڳنڍي سگهڻ جِي صلاحيت رکندا آهن، نمونن کي سڃاڻي سگهندا آهن ۽ علامتن سان معاملا حل ڪري سگهندا آهن. اھا ذهني مهارتَ تخليق، مسئلن جي حل ۽ ڳُوڙهِي معلومات جي لچڪدار ۽ تخليقي انداز سان تشريح ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.
6 ــ ڇِڙوڇِڙ سوچَ (Divergent Thinking): هڪ مسئلي جا ڪيترائي حل ڳولڻَ ۽ تخليق ۽ نواڻ کي هٿي ڏيڻ واري سوچ جي انداز کي ڇڙوڇِڙ يا منتشر سوچ جو طريقو / انداز چيو ويندو آهي. هن قسم جِي سوچَ ۾ ڪنهن به سوچ جو سِرو، ٻئيءَ سوچ سان ناهي ملندو ۽ اها به خبر ناهي پوندي ته سوچَ جي ڪهڙي ڌارا ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿي ۽ ڪٿي ۽ ڪيئن ختم ٿي وئي! هن قسم جي سوچ جي انداز سان ذهن منتشر رهي ٿو ۽ اڪثر ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙيءَ ئي وچَڙيلَ سوچَ مان اوچتو ڪو اهڙو تخليقي تصوّر به اڀري اچي ٿو، يا مسئلي جو حل به نڪري اچي ٿو، جيڪو ڪن حالتن ۾ شايد ترتيب واريءَ سوچ ۾ به ممڪن نه ٿي سگهندو هجي!
7 ــ منطقي سوچَ (Convergent Thinking): سوچَ جي هن طريقي ۾ منطقي دليلن رستي مسئلن جو ڪو صحيح حلُ ڳوليو ويندو آهي ۽ بنا منطق جي ڪنهن به مفروضي کي قبول ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي هوندي. سوچَ جي ڪنهن به ڌارا جو ڪو واضح دليل يا منطق نه ملڻ جي صورت ۾ ان کي هن قسم جي فڪر جي انداز ۾ يڪسر رد ڪيو ويندو آهي.
انهن بنيادي ستن (7) سوچڻ جي اندازن / طريقن سان گڏوگڏ سوچ / فڪرَ جا ڪجهه ٻيا اندازَ به آهن، جيڪي انهن بنيادي طريقن کان ٿورا مختلف ۽ وڌيڪ پيرائتا آهن. مثال طور:
الف ــ اُڀي / اُفقي سوچَ (Lateral Thinking): سوچَ جي هن انداز ۾ غير متوقع رُخن کان مسئلن کي ڏسبو آهي ۽ اهڙن خطرن جي خدشن جا اُپاءَ سوچيا ويندا آهن، جيڪي اوچتو ظاهر ٿي سگهن ٿا ۽ پوءِ ان ڏس ۾ انهن مسئلن جي نون حَلن جي ڳولا ڪئي ويندي آهي. هن قسم جي سوچَ جو انداز اڳواڻن ۽ ماڻهن جي جَٿن جي سرواڻي ڪندڙن (Leaders) لاءِ بيحد ضروري هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان قسم جي گڏيل سفر ۾ غير متوقع خطرن جي آمد جا امڪانَ ۽ انهن جو ٽوڙ ذهن ۾ ضرور رکيو ويندو آهي.
ب ــ عڪس تي آڌاريلَ سوچَ (Reflective Thinking): سوچ جو هي انداز گذريل تجربن تي آڌاريل هوندو آهي، جنهن تحت ماضيءَ ۾ ان قسم جي يا ان سان ملندڙ جلندڙ صورتحال جي چئلينجز تي غور ڪري نئين درپيش معاملي بابت قدم کڻبو آهي ۽ نئين بصيرت حاصل ڪبي آهي، ته جيئن ماضيءَ ۾ ڪيلَ غلطيون نه ورجايون وڃن.
ج ــ مُشاهداتي سوچَ (Perceptual Thinking): هن قسم جي سوچَ سِڌي مشاهدي ۽ تجربي تي ٻڌل هوندي آهي، جنهن سان فيصلن ڪرڻ ۾ فيصلا ساز جو مجموعي تجربو ڪم ايندو آهي.
د ــ حڪمتِ عمليءَ واري سوچَ (Strategic Thinking): ڊگهي مُدي جي رٿابنديءَ لاءِ هن قسم جي سوچ ضروري هوندي آهي، جنهن تحت مقصدن جي تجزيي تي ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ حڪمتِ عمليءَ سان صورتحال جي هاڪاري توڙي ناڪاري پهلوئن کي نظر ۾ رکندي ڊگهي منصوبي بنديءَ لاءِ حڪمتِ عمليءَ مان ڪم ورتو ويندو آهي.
اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهو هرگز ضروري ناهي ته هر ماڻهوءَ جي عمل جو انداز سڄي عمر هڪ ئي قسم جي سوچَ تي ٻڌل هجي. وقت گذرڻ سان هر شخص، مٿي ذڪر ڪيلَ سوچ جا اندازَ مٽائي سگهي ٿو يا اڳواڻ ۽ سرواڻ طور ڪم ڪندڙ هڪ ئي وقت مختلف قسم جي سوچَ جا اندازَ اپنائي پنهنجي حڪمتِ عملي ترتيب ڏئي سگهن ٿا، ته جيئن بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهجن. سوچ جو انداز ڪهڙو به هجي، اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان کي ڪارگر بڻائڻَ لاءِ ان جو اوڏو ئي ڀرپور اطلاق (Application) پڻ لازم آهي، ڇاڪاڻ ته ”سوچَ، لوچَ بنا ايئن اجائي آهي، جيئن لوچَ سوچَ بنا!“ يعني بنا عملَ جي رڳو رِٿا ٺاهڻ ايئن ئي بيڪار آهي، جيئن بنا سوچَ، فڪر ۽ منصوبابنديءَ جي ڪو عمل ڪرڻ لاءِ ڪاهي پوڻُ ۽ بنا پلاننگ جي ڪنهن پراجيڪٽ ۾ هٿ وجھڻُ!