بينظير انڪم سپورٽ پروگرام فراڊ آهي: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي فراڊ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آفت سٽيل علائقن کي امداد ڏيڻ گهرجي، پر بلاول ڀٽو زرداري ان کي بي ايس پي ذريعي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪو پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ جو ذريعو بڻايو ويو آهي. هن الزام هنيو ته پنجاب ۽ سنڌ حڪومت اربين رپيا اشتهارن تي خرچ ڪري عوام کي ڪجهه به نٿي ڏئي. حافظ نعيم چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سندس پارٽي ڪراچي جي 3360 ارب رپين ۾ ڪرپشن ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو اسرائيل بابت موقف اڄ به بلڪل واضح آهي ته ان کي تسليم نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.