ايڪسٽينشن ڏيڻ وارو ڪم بند ٿيڻ گهرجي:ڪيپٽن (ر) صفدر

لاهور/نيو يارڪ (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته ڪنهن به شخص کي تاحيات ايڪسٽينشن ڏيڻ جي حمايت نٿا ڪريون، ملڪ لاءِ ايماندار قيادت آڻڻ ضروري آهي. ايڪسٽينشن ڏيڻ وارو ڪم بند ٿيڻ گهرجي. هن چيف اليڪشن ڪمشنر بابت چيو سٺي ۽ ايماندار اليڪشن ڪمشنر کي لڳايو وڃي، اسان چئون ٿا ته جيستائين سڪندر سلطان راجا نه مرندو، تيستائين چيف اليڪشن ڪمشنر رهندو، اهو نه رهڻ گهرجي. هو اڳ به چوندو رهيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو واري نعري سان بيهڻ گهرجي. هن ظاهري طور چيف اليڪشن ڪمشنر جي ڳالهه ڪئي پر هو اهڙي ريت ٻين کي به پيغام ڏئي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.