لاهور(بيورو)ن ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پاڪ-سعودي دفاعي معاهدو هڪ روشن مستقبل ڏانهن اهم پيش رفت آهي، هن معاهدي جو ڪريڊٽ پاڪستان طرفان وزيراعظم،پرڏيهي وزير، فيلڊ مارشل ۽ انهن جي معاونن جي فڪر ۽ اڻٽٽ ڪوششن کي ڏيڻ گهرجي۔هي معاهدو نه صرف پاڪستان ۽ ڀائر رياست سعودي عرب جي طاقت ۽ اثر رسوخ کي وڌائيندو، پر ٻين مسلم ملڪن کي به انهيءَ جي چوڌاري گڏ ڪري سگھي ٿو۔هن معاهدي جي نتيجي ۾ پاڪستان جون ذميواريون ۽ چيلنجز وڌي ويا آهن؛ تنھنڪري ضروري آهي ته پاڪستان جي فوجي، معاشي ۽ ٽيڪنيڪي قوت ۾ وڌيڪ واڌ ۽ جدت آڻي وڃي، ۽ ساڳئي وقت اندروني واحدت، يڪجهتي ۽ اتحاد جي فضا کي فروغ ڏنو وڃي،هن چيو ته آئينِ پاڪستان ۽ قومي پرچم جي برابري کي قبول ڪندڙ بنيادي نڪتن تي سڀ ويجھڙائيءَ سان اچي وڃن،دهشتگردي جي هر صورت جو خاتمو ڪيو وڃي، ۽ پاڪستان جا ازلي دشمن اندروني سياسي بيچينيءَ ۽ انتشار مان فائدو نه وٺي سگھنهن چيو ته حڪومت جي پهرين ذميواري آهي ته پنهنجي ڪاميابين کي عاجزيءَ سان پيش ڪندي سياسي ڳالهين جو رستو اختيار ڪري،اپوزيشن جي ذميواري آهي ته گهيراءَ ۽ جلاءَ بدران حڪمتِ عملي ۽ مفاهمت جو رستو اپنائي،هن چيو ته جمھوري عمل کي 2013 واري پوزيشن تي واپس آڻيو وڃي۔هر حال ۾ آئين جي حڪمراني کي دل و جان سان قبوليو وڃي۔نظامِ انصاف ۾ هر قسم جي مداخلت ختم ڪئي وڃي ۽ انصاف سڀني لاءِ دستياب هجي.