مير مرتضيٰ ڀٽو کان جونيئر ذوالفقار ڀٽي تائين

تحرير: ڊاڪٽر رائوف ايڌي

بهادر انسان ڪڏهن به ظلم، ڏاڍ ۽ جبر آڏو  آڻ نه مڃيندا آهن توڙي جو سر ڌڙ کان ڌار ڇو نه ٿئي! اهڙن ئي عظيم شخصيتن منجهان سنڌ جو جوڌو مرتضي ڀٽو هو۔ جنهن کي اڄ به پوري سنڌ محبت منجهان مير جي خطاب سان ياد ڪري ٿي! تاريخ جا ڪجهه باب اهڙا هوندا آهن، جيڪي فرد جي زندگي يا موت سان ختم نٿا ٿين، پر صديون گذرڻ باوجود به قومن جي شعور ۾ سوال بڻجي صدين تائين تڪليف جيان دکندا رهندا آهن. مير مرتضى ڀٽي جو قتل به هڪ اهڙو ئي باب آهي۔ جنهن باشعور ۽ باضمير ماڻهن جي جيءَ کي جنجهوري ڇڏيو!

 20 سيپٽمبر 1996ع جي شام ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ جيڪو رت وهيو، اهو رت ڪنهن عام ماڻهو جو نه پر هڪ بهادر اڳواڻ  جو هو، جنهن هميشه جابر ۽ وقت جي فرعون کي للڪاريو۔ مير مرتضى ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اهو بي باڪ پٽ هو، جنهن پيءُ جي ڦاهيءَ کي رڳو عدالتي فيصلي نه، پر تاريخ جي وڏي ناانصافي طور ڏٺو. هن پنهنجي جلاوطنيءَ ۾ دنيا جي وڏن راڄڌانين تائين ڀٽي صاحب جي عدالتي بيگناهه قتل تي آواز بلند ڪيو ۽ عوامي طاقت جي ذريعي اقتداد ڌڻين  کي چيئلج پڻ ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو  سندس  جدوجهد تي ڪيترائي الزام لڳا ۽  نيٺ جان جي قيمت بڻيا. هن سياست اقتدار خاطر نه، پر عوامي ڀلائي،  همدردي ۽ انسان دوستي لاء ٿي ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو   عوامي خدمت، اصول پرستي،  ۽ آدرشي ڪردار هجڻ باوجود به ڪراچي جي تيز تر روڊن تي گولين جا برسٽ هڻي سيني کي چاڪ ڪيو ويو۔ صد افسوس جو ڏينهن ڏٺي جو هڪ بهادر اڳواڻ جو قتل رهزنن هٿان ٿيو ۽ سندس قتل تي سڄي سنڌ ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو!

محترمه جي دور حڪومت ۾ هڪ جوان ڀاءُ جو قتل انتهائي دک دائڪ هو، پاڻ پنهنجي سڄي حياتي ۾ مرتضي جي قتل کي جسٽيفاءِ نه ڪري سگهي 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضى ڀٽي جي قتل کي   “اتفاقي مقابلو” سڏي ڪيس کي لوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، پر حقيقت ۾ اها رياستي طاقت ۽ سياسي سازش جو هڪ اهڙو باب هو، جنهن جي پوري ڪوشش اصل قاتل کي بچائڻ هو۔اڄ جڏهن ملڪ وري بحرانن، بي يقيني ۽ عدم تحفظ جي دور مان گذري رهيو آهي، تڏهن مير جو فرزند، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، خاموشيءَ سان سياسي ميدان ۾ داخل ٿي رهيو آهي. هو نه رڳو بهادر اڳواڻ، عوام دوست، وطن دوست، غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو هڏڏوڪي، وفادار ۽  امين آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ جدوجهد، اصولن ۽ بغاوت جو استعارو بڻجي رهيو آهي. هن جي لهجي ۾ مهڪيل گلاب جي خوشبو، سندس آواز ۾ هڪ انقلابي جيان گجگوڙ آهي۔ عام ماڻهن سان سندس ورتاءُ به ڪمال جو آهي. هو روادار، صوفي منش ۽ هڪ زنده دل اڳواڻ آهي

 جونيئر نوجوان نسل لاءِ هڪ اعلي آدرشي ڪردار سان گڏوگڏ هڪ عوامي شخصيت جي علامت آهي،  سندس شخصيت جو ڪمال اهو پڻ آهي جو هر ماڻهو سندس وفاداري، سچائي، رهڻي ڪهڻي  ۽ عوامي ڪچهرين جو ديوانو بڻجي پيو آهي.  جونيئر ذوالفقار ڀٽو نئين سياسي جدوجهد لاءِ ميدان ۾ اچي رهيو آهي ته لڳي ٿو ڄڻ ته تاريخ وري ساهه کڻي رهي هجي، ۽ اهو آواز موٽي آيو هجي، جيڪو 1996ع ۾ رت ۾ ٻوڙيو ويو هو ۽ لڳي ٿو ته شهيد مير جو فرزند پنهجي والد جي روحاني رهنمائي ۽ انصاف واري ڇڏيل مشن کي عوام جي طاقت سان اڳتي وڌائيندو ۽ مير مرتضي ڀٽو جي ڇڏيل انقلابي جدوجهد جي تڪميل ڪري ڪيل قتل جو تاريخي پلاند ڪندو.

اڄ جڏهن ملڪ وري بحرانن، بي يقيني ۽ عدم تحفظ جي دور مان گذري رهيو آهي، تڏهن مير جو فرزند، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، خاموشيءَ سان سياسي ميدان ۾ داخل ٿي رهيو آهي. هو نه رڳو بهادر اڳواڻ، عوام دوست، وطن دوست، غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو هڏڏوڪي، وفادار ۽  امين آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ جدوجهد، اصولن ۽ بغاوت جو استعارو بڻجي رهيو آهي. هن جي لهجي ۾ مهڪيل گلاب جي خوشبو، سندس آواز ۾ هڪ انقلابي جيان گجگوڙ آهي۔ عام ماڻهن سان سندس ورتاءُ به ڪمال جو آهي. هو روادار، صوفي منش ۽ هڪ زنده دل اڳواڻ آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.