ٻوڏن جي رپورٽنگ جي اخلاقيات ۽ چيلنجز

تحرير: محمد احسان لغاري

آفتن کان پوءِ صحافي اڪثر تباھ ٿيل ڪميونٽيز / ماڻھن تي پکين جي لامارن جيان  لهندا آهن، جيڪي ڪئميرا، مائڪروفون ۽ ڪهاڻين جي تڪڙي ڳولا  لاءَ اُتامرا ھوندا آھن ۔ ڪڏهن ڪڏهن رپورٽر بنا تياري جي پهچن ٿا، پنهنجي ٽيم کي ڊرامائي شاٽ وٺڻ لاءِ چوندي، ۽ ڏتڙيل، بچي پھتل بي حال متاثرين   کان اهڙا سوال پڇن ٿا: "توهان کي ڇا محسوس ٿي رهيو آهي؟” يا "توهان ڇا وڃايو آهي؟”  اهو سڀ نقصان ۽ بقا جي افراتفري جي وچ ۾ صدمي ۾ ورتل انسانن کان پڇيو ويندو آھي۔ هي منظر صحافت جي هڪ اونھي ڇڪتاڻ کي نمايان ڪري ٿو: عوام کي حال ٻڌائيندي ڄاڻ ڏيڻ جي مجبوري ۽ سندن  صدمي کي وڌائڻ جو خطرو جي وچ۾۔

 هي مضمون 2025 ٻوڏ واري  آفت جي رپورٽنگ جي اخلاقي، عملي ۽ تربيت واري پاسن جو جائزو وٺي ٿو، جنهن ۾ علائقائي/مقامي صحافتي روايتن ۽ سامھون آيل تنقيدن جا سبق شامل آهن۔ ھي لکت بنيادي اصولن تي زور ڏئي ٿي، جن اصولن ھيٺ اخلاقيات صحافت کان الڳ نه آهي  جهڙوڪ آزادي، جمهوريت، سچائي، معروضييت، ايمانداري ۽ رازداري جهڙا تصور باوقار صحافت جو حصو آهن۔ هن لکت لاءِ مون کي ملتان جي صحافي محترمه ماهه جبين خاڪي جي سوشل ميڊيا تي بيان ڪيل ڳالهين مان اتساھ مليو۔

لچڪدار صحافت جي ميراث:

پاڪستان ۾ صحافت، خاص طور تي سنڌ ۾، لچڪ/ريزيلينس، سھپ ۽ قرباني جي تاريخي ميراث رکي ٿي۔ مارشل لا جي دورن ۾ سنڌ جي صحافين قيد ۽ اخبارن جي بندش جو مقابلو ڪيو پر سچائي ۽ آزاديءَ سان پنهنجو عزم قائم رکيو۔ هي ميراث سنڌي ميڊيا کي پاڻيءَ جي حقن، درياھن، ڊيمز ۽ وسيلن جي ورهاست جهڙن مسئلن تي هڪ مضبوط وڪيل بڻائي ٿي، جيڪا ملڪي بحثن ۽ فيصلن   تي اثرانداز ٿئي ٿي۔ اهڙيون روايتون زور ڏين ٿيون ته ڏچي ۽ جوکم واري حالتن  ۾ صحافت کي تصديق ٿيل حقيقتن، وقار ۽ رازداري جي احترام، غيرجانبداري، "نقصان نه پهچائڻ” جي اصول ۽ عوام ڏانھن  جوابدهي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي۔ اهي تجريدي تصور نه پر عملي گس آهن، جيڪي ميڊيا کي اڳ ۾ ئي متاثر ٿيل ماڻهن جا زخم ٻيهر کولڻ کان بچائن ٿا۔

آفتن جي صحافت جي ڪردار جي نئين تعريف

آفتن جي صحافت قدرتي يا انساني ٺاهيل واقعن سان لاڳاپيل خبرون گڏ ڪرڻ ۽ پيش ڪرڻ جو عمل آهي جيڪي ٿي چڪا آهن، ٿي رهيا آهن يا مستقبل ۾ ٿي سگهن ٿا۔ صحافين ۽ خابرو ادارن جو ڪردار رڳو رپورٽنگ تائين محدود نه آهي۔ انهن جو ڪم بچاءُ، تياري، ردعمل تي رپورٽ ڪرڻ، ڊگهي مدي واري بحالي ۾ مدد ڏيڻ ۽ ڪميونٽيءَ جي لچڪ کي وڌائڻ تي به مرڪوز ھجڻ گھرجي ۔ ٻين لفظن ۾، آفتن جي صحافت صرف واقعي جي رپورٽنگ نه آهي؛ اها هڪ اهم عوامي خدمت آهي جيڪا ماڻهن کي دٻاءُ ۽ خطري وارن واقعن کي سمجهڻ ۽ منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي۔

مختلف مرحلن ۾ ڪردار:

واقعي کان اڳ: صحافي ممڪن هجي ته اڳواٽ ھوشياري  ڏئي سگهن ٿا، جيڪا ماڻهن کي تياري، پناهه يا خطري واري جاءِ تان لڏ پلاڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي۔ هو بچاءُ ۽ تياريءَ جي عملن جو پڻ  جائزو وٺي سگهن ٿا، جهڙوڪ عمارتن جا ڪوڊ يا ممڪن خطرا ظاهر ڪرڻ۔ پر ڪجهه صحافين جو خيال آهي ته اهڙي رپورٽنگ کي "خوف پکيڙڻ” سمجهيو ويندو آهي ۽ جيستائين آفت واقعي نه اچي، ماڻھو  خطرن جي نوعيت کان بيخبر رھڻ پسند ڪن ٿا۔

واقعي دوران: آفت جي دوران ۽ فوري بعد صحافين جو بنيادي ڪم اهو رپورٽ ڪرڻ آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي۔ اها "بريڪنگ نيوز” هوندي آهي، جيڪا تڪڙي، غيرمعمولي ۽ جذبات سان ڀريل هوندي آهي۔ صحافين کي معلومات جي تصديق ڪرڻ ۽ غلط ڄاڻ درست ڪرڻ جي ذميواري هوندي آهي۔ واقعي کان پوءِ: جيئن "بريڪنگ نيوز” ختم ٿئي ٿي، صحافين تي ذميواري آهي ته هو متاثر ماڻھن سان ڳنڍيل رهن ۽ بحاليءَ تي رپورٽ ڪن۔ مقامي صحافين لاءِ هي ڪردار وڌيڪ اهم آهي، ڇو ته هو متاثر علائقن ۾ رهندا آهن، جڏهن ته ملڪي صحافي اڪثر "پيئرشُوٽ ان/ مٿان اچي لھن”  ٿا ۽ جلدي هلي ويندا آهن۔

2025 جي ٻوڏن جا نقصان  ۽ اخلاقي پاسا

ھن چؤماسي ، پنجاب، سنڌ، ڪي پي، بلوچستان ۽ گلگت-بلتستان ۾ وڏي تباهي آندي۔ 19 سيپٽمبر 2025 تائين، فوتين جو انگ 1002 ۽ زخمين جو انگ 1062 آهي۔ صرف پنجاب ۾ ئي 26لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته تقريباً 50 لک ماڻهو متاثر ٿيا۔ اڏاوتن  کي وڏو نقصان پهتو، پنج هزار ڳوٺ پاڻيءَ ۾ گهيرجي ويا؛ سکر-ملتان جهڙا موٽر ويو ان علائقي بند ٿي ويا؛ زرعي نقصان خوراڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ( ھاڻ سان ئي ڪڻڪ جي بحران ڪر کنيو آھي)،جنهن جو اقتصادي نقصان اربين ڊالر جو لڳايو پيو وڃي۔ پاڻيءَ سان پيدا ٿيندڙ بيماريون (هيضو، دست)، ڊينگي، مليريا، ۽ بار بار جي آفتن مان پيدا ٿيندڙ ذهني صحت جا مسئلا پڻ پيدا ٿيا آھن

صحافت جا اخلاقي خطرا

صحافت جو بنياد جمهوريت لاءِ اعليٰ معيار جي معلومات مهيا ڪرڻ تي آهي۔ آفتن ۾ هي اخلاقي اصول سچ جي ڳولا، نقصان گھٽائڻ، آزاد ڪم ڪرڻ ۽ جوابدهيءَ کي يقيني بڻائڻ تي بيٺل آهي۔ پر ٻوڏن ٻڌايو ته  ڪيتري نه آسانيءَ سان اهي اصول وساري ڇڏجن ٿا۔ مثال طور، متاثرن سان مداخلت ڪندڙ انٽرويو جيڪي انهن کي ٻيهر زخمي ڪن ٿا، "نقصان نه پهچائڻ” واري اصول جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا۔

صحافين کي ڪڏهن ڪڏهن غيرجانبداري قائم رکڻ ڏکيو لڳندو آهي جڏهن ماڻهو زخمي ٿين يا گهر تباهه ٿين۔ هڪ صحافي چيو: "طوفان ۾ ڪهاڻيءَ جا ٻه رخ ناهن، تنهن ڪري غيرجانبداري جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي۔” سوشل ميڊيا تي غلط ڄاڻ ۽ پراڻين تصويرن کي ڏيکارڻ اعتماد کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ تصديق ۽ فئڪٽ چيڪنگ انتهائي ضروري آهي۔

تربيت ۽ صحافين جي ڀلائي

صحافين لاءِ صدمو سمجهڻ ۽ ان مطابق ڪم ڪرڻ جي تربيت تمام اهم آهي۔ پاڪستان ۾ 2022 کانپوءِ ڪوششن ۾، جهڙوڪ UNDP جو اخلاقي موسمياتي رپورٽنگ پروگرام ۽ NDMA جو ڊزاسٽر رپورٽنگ هينڊبڪ، سوين صحافين کي حقيقتن جي پڪ ڪرڻ ۽ انسانيت تي ٻڌل نقطه نظر تي تربيت ڏني وئي، پر اها ڪافي نه آهي۔ اڃا به کوٽ موجود آهي، ۽ گهڻن وٽ نفسياتي يا صنفي حساسيت بابت خاص تربيت نه ، جنهن ڪري اڌڪي ۽ انھن پاسن کانسواءِ  رپورٽنگ ٿيندي آهي۔

ساڳي وقت، صحافين لاءِ پنهنجو خيال رکڻ به لازمي آهي، ڇو ته آفتن جي ڪوريج نفسيات ۽ روين تي اثرانداز ٿئي ٿي۔ رپورٽنگ لاءِ شفٽون سنڀالڻ، کاڌو ۽ آرام جون جڳهيون ڏيڻ، ۽ گمنام ذهني صحت جي مدد مهيا ڪرڻ ضروري آهي۔ هڪ رپورٽر چيو ته کيس تڏهن خبر پئي ته ڪوريج ان تي ڪيترو اثر ڪيو، جڏهن هن پيشاوراڻي سکيا  ورتي۔ سچائي ۽ همدرديءَ ۾ جڙيل اخلاقيات کي اختيار ڪندي، طريقا بهتر بڻائي، ۽ تربيت ۾ سيڙپڪاري ڪندي، ميڊيا مداخلت ڪندڙن بدران سور سليندڙن ۾ بدلجي سگهي ٿي ، ماڻھن جو پيغام پھچائي  تبديلي آڻي سگهي ٿي۔ صحافت کي   ايندڙ ڪوريج ۾ انسانيت جي احترام کي يقيني بڻائيندي ۽ سنڌي صحافت جهڙين روايتن جي لچڪداري/ ريزيلينس واري  روح کي سانڍيندي ڪم ڪرڻو پوندو!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.