سنڌ ڌرتي صديون پراڻي تهذيب، ثقافت، علم ۽ فڪر جي امين رهي آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي شاهه لطيف جي فڪر تائين، هن ڌرتي هميشه علمي، فڪري ۽ ادبي روايتن کي جنم ڏنو آهي. پر سنڌ جا دانشور، اديب ۽ فڪري اڳواڻ پنهنجي ئي ڌرتيءَ ۾ انيڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿا. اهي مسئلا رڳو معاشي يا سماجي نه آهن، پر سياسي، ثقافتي ۽ ادارتي به آهن، جن جو اثر سڌو سنئون فڪر ۽ علمي تحريڪ تي پوي ٿو دانشور ڪنهن به سماج جا ضمير ۽ فڪر جا روشن چراغ هوندا آهن. سندن ڪم صرف ڪتاب لکڻ يا تقرير ڪرڻ نه هوندو آهي، پر سماج جي رهنمائي، علمي سوال اٿارڻ ۽ سياسي سماجي لاڙن کي صحيح رخ ڏيکارڻ هوندو آهي.
سنڌ ۾ دانشورن هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هجي يا ضياءُ الحق جي آمريت، يا وري سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي جدوجهد ـ سنڌي اديب ۽ مفڪر اڳڀرا رهيا آهن. پر هاڻوڪي دور ۾ انهن جي ڪردار تي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا آهن سنڌ جي دانشورن کي گھيريندڙ اهم مسئلا هي آهن ڪيترائي اديب ۽ مفڪر معاشي طور غير محفوظ آهن. کين پڙهائڻ، تحقيق ڪرڻ يا ليکڪ جي حيثيت سان روزگار ملڻ مشڪل آهي. ڪيترا دانشور رڳو اشاعتي ادارن يايونيورسٽين جي محدود نوڪرين تي ڀاڙين ٿا، جنهن ڪري سندن فڪري آزادي به متاثر ٿئي ٿي سنڌ ۾ ادبي ۽ علمي ادارا، جيڪي دانشورن جي رهنمائي لاءِ ٺهيا هئا اڄ بي اثر ٿي ويا آهن سنڌي ادبي بورڊ، اڪيڊمي آف ليٽرس، يا ثقافتي کاتو ڪاغذن تي ته موجود آهن پر سندن ڪارڪردگي گهٽجي وئي آهي. نتيجي طور نوجوان نسل ۾ مطالعو ۽ تحقيق جي حوصلا افزائي نه ٿي رهي ادبي ۽ علمي ادارن ۾ سياسي ماڻهن جي مداخلت سبب شفافيت ۽ ميرٽ ختم ٿي وئي آهي ڪيترائي اهم عهدن تي نااهل ماڻهو مقرر ٿين ٿا جيڪي فڪر کي اڳتي وڌائڻ بدران ان کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪن ٿا. سنڌي ٻولي ۽ ثقافت عالمي دٻاءُ ۽ مقامي بي ڌياني سبب خطري ۾ آهي. اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ٽي وي چينلز ۽ ميڊيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت گهٽجي رهي آهي، جنهن جو سڌو اثر سنڌي دانشورن جي تخليقي دنيا تي پوي ٿو.
سنڌ جا دانشور پاڻ ۾ به ورهايل آهن ڪي قومي سياست سان ويجها آهن، ڪي مخصوص جماعتن جا حامي آهن، ۽ ڪي وري بي پرواهه ٿي ويٺا آهن. اهڙي ورهاست سبب اجتماعي قوت پيدا نه ٿي رهي اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اڄ جو سنڌي دانشور ذهني ۽ عملي ٻنهي محاذن تي پريشان آهي. هو ڏسي ٿو ته سندس ڌرتي پاڻيءَ جي کوٽ، بيروزگاري، تعليمي زوال ۽ بدامنيءَ ۾ جڪڙيل آهي، پر ان مسئلن جي حل لاءِ موثر حڪمت عملي ٺاهڻ ۾ هو پاڻ کي اڪيلو ۽ بي وس سمجهي ٿو. ڪيترائي دانشور مايوسي ۾ لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏين ٿا يا رڳو ذاتي زندگيءَ ۾ محدود ٿي وڃن ٿا سنڌ کي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ دانشورن کي پنهنجو ڪردار ٻيهر نئين سر سمجهڻ ۽ ادا ڪرڻو پوندو سنڌي يونيورسٽين ۽ ادارن کي سائنسي تحقيق، سماجي اڀياس ۽ تاريخي حقيقتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻو پوندو. دانشورن کي صرف شاعري يا ڪهاڻين تائين محدود رهڻ بجاءِ معاشي، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي سائنسي تجزيا پيش ڪرڻ گهرجن دانشورن کي ذاتي اختلاف ۽ سياسي ورهاست پاسي تي رکي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. گڏيل آواز ئي حڪومتن ۽ سماج تائين پهچي سگهي ٿو.
سنڌ جي نوجوان نسل ۾ مطالعو گهٽجي ويو آهي. دانشورن جو ڪم آهي ته انهن کي ڪتابن، لائبريرين، سيمينارن ۽ علمي بحثن ڏانهن راغب ڪن عصري دور ۾ دانشورن کي جديد ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ آن لائين پليٽ فارمز کي استعمال ڪندي پنهنجا خيال ۽ تحريڪون عوام تائين پهچائڻ گهرجن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي نصاب، ميڊيا ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ اهميت ڏيڻ لاءِ تحريڪون شروع ڪرڻ ضروري آهن. دانشور هن سلسلي ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
سنڌ جا مسئلا گهڻا آهن ۽ انهن جي شدت وڌندي پئي وڃي، پر انهن مان نجات لاءِ رڳو سياستدانن يا حڪمرانن ڏانهن نه ڏسڻو پوندو، بلڪه دانشورن کي پاڻ اڳتي اچي فڪري رهنمائي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن دانشور مايوسي، ورهاست ۽ خاموشيءَ مان نڪري گڏيل حڪمت عملي سان ڪم ڪن، ته سنڌ کي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو سنڌي سماج کي هڪ اهڙي فڪري تحريڪ جي ضرورت آهي، جيڪا عوامي بنيادن تي هجي، جيڪا علمي تحقيق ۽ سماجي سچائيءَ تي ٻڌل هجي، ۽ جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ اميد جي راهه پيدا ڪري.