پاڪستان قائم ٿيڻ جي 4 سالن کان پوءِ 1951 ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان دوستي جو معاهدو ڪيو۔ 1960 ۾ پاڪستان ۾ سعودي سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ ملٽري ٽريننگ پروگرام شروع ٿيو۔ 1980 کان دفاعي معاهدن جي بنياد وسيع ٿيڻ شروع ٿي۔ پاڪستاني دستن جي سعودي عرب ۾ مقرري شروع ٿي۔ 1988 ۾ پاڪستان سعودي عرب کي چين مان بلاسٽڪ ميزائل حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي۔ بلاسٽڪ ميزائل ماڻڻ جي ڪهاڻي تمام فلمي لڳي ٿي۔ ان دوران هڪ سفارتي بحران به پيدا ٿيو جڏهن آمريڪي سفير کي سعودي عرب مان ڪڍيو ويو۔ اسرائيلين جون ڄنگهون ڏڪنديون رهيون جن کي آمريڪن کي سنڀالڻو پيو۔ هن بحران جو ٻنهي ملڪن ڊٽ ڪري مقابلو ڪيو۔ اها ڪهاڻي جڏهن پڙهندؤ ته ڄاڻندؤ ته سعودي-پاڪستان لاڳاپن جي نوعيت ڪهڙي آهي ۽ اهي ايترا گهاٽا ڇو آهن۔
انهن ميزائلن جي سعودي عرب پهريون ڀيرو 2014 ۾ پنهنجي قومي ڏينهن جي موقعي تي نمائش ڪئي۔ ان جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن تقريب ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف خاص مهمان هئا۔ اهي ئي جنرل راحيل شريف هاڻي اسلامي ملٽري ڪائونٽر ٽيررازم ڪوالِيشن کي هيڊ ڪري رهيا آهن ۽ سعودي عرب ۾ ئي مقيم آهن۔
پاڪ-سعودي لاڳاپا رڳو دفاعي شعبي ۽ اسٽرٽيجڪ معاهدن تائين محدود ناهن۔ پاڪستان کي اُڌار تيل جي ضرورت هجي، زرمبادله جا ذخيرا گهٽجي رهيا هجن، زلزلو يا ٻوڏ هجي ته سعودي ايئر برج قائم ڪري ڇڏين ٿا۔ سعودي عرب ۾ 22 لک پاڪستاني مقيم آهن۔ اهي پاڪستاني سعودي عرب جي تعمير ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان حصو وٺي رهيا آهن۔ پاڪستان ڏانهن ايندڙ ترسيلات زر ۾ سعودي عرب پهرين نمبرن تي آهي۔
موجوده پاڪ-سعودي دفاعي معاهدي کان اڳ سعودي ولي عهد پرنس محمد بن سلمان جو ويزن 2030 ڄاڻڻ ضروري آهي۔ ويزن 2030 سعودي عرب کي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻائي رکڻ، عالمي سيڙپڪاري جو مرڪز بڻجڻ ۽ ٽن براعظمن کي ڳنڍيندڙ واپاري حب بڻجڻ بابت آهي۔ دفاعي شعبي ۾ هن ويزن جا هدف تمام اهم آهن۔ سعودي عرب وڌيڪ دفاعي خرچ ڪندڙ ملڪن ۾ پنجين نمبر تي اچي ٿو۔ 2023 ۾ سعودي دفاعي بجيٽ 75 ارب 81 ڪروڙ ڊالر هئي۔ 2030 تائين دفاعي خرچن جو 50 سيڪڙو مقامي دفاعي صنعت مان حاصل ڪرڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي۔
جنرل اٿارٽي فار ملٽري انڊسٽري بيروني سيڙپڪاري حاصل ڪندي۔ دفاعي شعبي جي سپلاءِ چين جو 74 سيڪڙو انحصار مقامي انڊسٽري تي منتقل ڪيو ويندو۔ ڊرون، سائبر سيڪيورٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل دفاعي نظام تيار ڪيا ويندا۔ اڃا تائين دفاعي ۽ اسٽرٽيجڪ معاهدن ۾ پاڪستان حرمين جي دفاع ۽ سعودي سيڪيورٽي لاءِ دستا فراهم ڪرڻ جو پابند هو۔ هاڻي نئين معاهدي جي اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو۔ هن هڪ جملي ڀائيوارن کي باهه لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جون ننڊون اُڏائي ڇڏيون آهن۔
ڀارت جو ابتدائي بيان محتاط انداز جو آهي ته اسين معاهدي جي مانيٽرنگ ۽ تجزيو ڪري رهيا آهيون۔ ان جو جائزو وٺنداسين ۽ معاهدي جي علائقائي استحڪام تي اثرات کي ڏسنداسين ۽ پنهنجن قومي مفادن جو تحفظ ڪنداسين۔ ان جو جواب ڏکڻ ايشيا جي آمريڪي ماهر مائيڪل ڪگلمن جي ٽوئيٽ مان ڪجهه اهڙي طرح آيو ته هن معاهدي جو ڪو اثر پاڪ-ڀارت تڪرار تي ته پوندو نظر نٿو اچي پر چين، ترڪي ۽ سعودي عرب هاڻي واضح طور تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن۔ ان سان گڏ بس هاڻي "تيراجو ڇا بڻبو ڪاليا” لکڻ جي کوٽ هئي۔
اسرائيلي سائيٽ يروشلم پوسٽ لکي ٿو ته هي معاهدو ٻڌائي ٿو ته وچ اوڀر ڪيئي نوان اتحاد ٺاهڻ جو سوچي رهيو آهي۔ هن معاهدي اسرائيل لاءِ صورتحال تمام پيچيده ڪري ڇڏي آهي۔ ٽائيمز آف اسرائيل جا اَنسو ابراهام اڪارڊ جي مستقبل جو سوچ ڪري وهي رهيا آهن۔ هن سائيٽ جو چوڻ آهي ته امن معاهدو ته آمريڪا ڪرايو هو۔ هاڻي وچ اوڀر ۾ هڪ اهڙو نئون رانديگر يعني پاڪستان داخل ٿي ويو آهي جيڪو اسرائيل کي تسليم ئي نٿو ڪري۔ پاڪستان جي هڪ سيڪيورٽي ڊاڪٽرائن به آهي۔ اوهان جو ڌيان ان کان ڪنهن سوهڻي مٽيار ڏانهن وڃي رهيو هوندو ته ٺيڪ آهي۔ هن ڊاڪٽرائن موجب فارن ريزرو، انرجي، واٽر ۽ فوڊ سيڪيورٽي سڀ ان ڊاڪٽرائن جو حصو آهن۔ هاڻي ٻيهر سعودي ويزن 2030 ڏسو ته اهو ڪهڙي قسم جي دفاعي خودڪفالت جو پروگرام تيار ڪري رهيو آهي۔ اسان جي ڊاڪٽرائن ۽ انهن جو خودڪفالت پروگرام گڏجي ڪهڙي قسم جاچن چڙهائي سگهن ٿا۔
عرض هي آهي ته هن معاهدي موجب ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ٿيندو۔ ان جي نتيجي ۾ جيڪو نيو نارمل سامهون ايندو اهو هي ٿيندو ته هاڻي حملا ۽ جنگ وغيره جو ڪنهن کي خواب ۽ خيال به گهٽ ايندو۔ تنهنڪري لڙائيءَ جون ڳالهيون وساري ڪم تي ڌيان ڏيو ۽ اڀرندڙ نون امڪانن ۽ معاشي سرگرمين ۾ پنهنجن لاءِ گوڊ فٽ قسم جا آپشن ڳوليو۔