جسٽس بابر ستار جو فيصلو معطل، پي ٽي اي چيئرمين بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيئرمين کي پنهنجي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سنگل بئنچ جو فيصلو معطل ڪندي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس پي ٽي اي چيئرمين جي بحالي جو حڪم جاري ڪيو. واضح رهي ته سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل راشد حفيظ ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته سڄي پاڪستان مان 64 ماڻهن ۾ مقابلو ٿيو، جن مان 24 اميدوار ڪواليفاءِ ڪيو. اهليت جي معيار تي سختي سان عمل ٿيو، ڪو به اميدوار عدالت ۾ نه آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.