اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سي ڊي اي سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون نه ٿيڻ جو ذڪر آيو۔عدالتِ عاليه جي جسٽس محسن اختر ڪيانِي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته قانون موجب سمورا اختيار سي ڊي اي کان ايم سي آءِ ڏانهن منتقل ٿيڻا هئا، جيڪي ڪم سي ڊي اي بورڊ ڪري رهيو آهي، اهي ته مقامي حڪومت جي ادارن کي ڪرڻا هئا۔هن چيو ته هڪ، هڪ رپئي جي استعمال جو اختيار مقامي حڪومت وٽ آهي، آئين چوي ٿو ته عوام جا چونڊيل نمائندا پنهنجا اختيار استعمال ڪندا، هاءِ ڪورٽ چار فيصلا ڏنا، سپريم ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو، پر حڪومت اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ٿيڻ نه ڏنيون۔جسٽس محسن ڪيانِي سوال ڪيو ته مونکي پاڪستان جو ڪو هڪ ادارو ٻڌايو جيڪو پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان سنڀالي سگهي؟ مونکي عدالتن سميت ڪو هڪ ادارو ٻڌايو جيڪو اهو ڪم ڪري رهيو هجي جيڪو انهن کي ڪرڻو هو۔چونڊون نه ٿيون ته وزيراعظم ۽ چيئرمين اليڪشن ڪميشن کي طلب ڪري سگهون ٿا”هن استفسار ڪيو ته اوهان ماتحت عدالتن جي حالت ڏٺي آهي؟ ڪو ادارو اهڙي حالت ۾ ناهي جو پنهنجو ڪم ڪري سگهي، اسان جو جذبوم ئي ختم ٿي ويو آهي، ڇا ڪنهن کي احساس آهي ته 25 ڪروڙ عوام ڪهڙي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن؟جسٽس محسن ڪيانِي چيو ته گورننس جا سنجيده مسئلا آهن، جيڪي ڪم عوامي نمائندن کي ڪرڻا هئا، اهي عدالتون ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي سوٽ ڪري ٿو ته چون ٿا سسٽم هلندو رهي، جيڪڏهن قانون سوٽ نٿو ڪري ته ان کي هڪ پاسي رکي ڇڏين ٿا۔هن ريمارڪس ۾ چيو ته هاڻي ڇوته ڪنهن کي سوٽ نٿو ڪري، تنهنڪري 5 سال کان بلدياتي چونڊون ٿيڻ نه ڏنيون ويون، ڇا اسلام آباد جي ماڻهن جو اهو حق ناهي ته انهن جا چونڊيل نمائندا انهن لاءِ فيصلا ڪن؟جسٽس محسن اختر ڪيانِي چيو ته جيڪڏهن ڪجهه به غيرقانوني ٿئي ٿو ته عدالتن ڏانهن رجوع ڪيو ويندو آهي ۽ عدالتن جي موجوده حالت ڏسو، جيڪو ڪجهه عام ماڻهو سان ٿي رهيو آهي، اهوئي سڀ ججن سان به ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه هينئر ٿي رهيو آهي، اهو نهايت بدقسمتي آهي۔هن اهو به چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان بابت دعا ئي ڪري سگهجي ٿي، هر ڪنهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، غلطيون سڀني کان ٿين ٿيون پر بدنظري يا بدنيني نه هجڻ گهرجي۔