ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا ) سنڌ ۾ سکر بيراج تي چاڙهه برقرار آهي جنهن سبب ڪچي جو وڏو علائقو ٻڏي ويو آهي، سکر بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ صورتحال سان گڏ 5 لک 71 ڪيوسڪ جو وهڪرو موجود آهي. جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي وچولي درجي جو ٻوڏ وهڪرو موجود آهي. گڊو بيراج وٽ پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي آهي، جنهن بعد مٿاهون وهڪرو 485185 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 456964 5 لک ڪيوسڪ سان وچولي درجي جو وهڪرو موجود آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب 80 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي هيٺ اچي ويا آهن. قادر پور گيس فيلڊ مان گيس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياءَ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ صورتحال آهي. منجٺ ڀرسان وڌيڪ زمينداري بند ٽٽي ويو آهي جنهن سبب پاڻي جي تيز وهڪري روڊ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڻي جي تيز وهڪرن سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته رهواسي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لڳا آهن. هوڏانهن ميهڙ ويجهو حفاظتي بند ٽٽڻ سبب درگاهه سعدي موساڻي ۽ نئون ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. دادو ۽ سيوهڻ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.