شنگھائي ڪانفرنس ۽ آمريڪي عالمي تسلط

تحرير: ايوب ملڪ

شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس ان ڪري اهميت رکي ٿي جو چين ۽ روس آمريڪا سان پنهنجن لاڳاپن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن وقت عالمي منظرنامي ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي رهي آهي. چين جي معاشي ترقي ۽ روس جي سياسي اثررسوخ سبب آمريڪا لاءِ عالمي قيادت برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا پنهنجي عالمي تسلط کي برقرار رکڻ لاءِ هر محاذ تي مقابلو ڪري رهيو آهي. پر هاڻي 80 سيڪڙو عالمي معيشت آمريڪا جي ڪنٽرول مان نڪري چڪي آهي. شنگھائي تعاون تنظيم ۾ شامل ملڪن جو گڏيل حصو عالمي معيشت ۾ لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو وڃي. چين، روس ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل ڪوششن سان نئون اقتصادي ۽ سياسي بلاڪ ٺهي رهيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ آمريڪا جي مقابلي ۾ اچي سگهي ٿو.

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا جي عالمي حڪمراني جو بنياد ڊالر تي بيٺو آهي. آمريڪا ڊالر کي عالمي ڪرنسي طور استعمال ڪري ٻين ملڪن جي معيشت تي ڪنٽرول رکندو آيو آهي، پر هاڻي ڪيترائي ملڪ ڊالر بدران پنهنجي ڪرنسي ۾ واپار ڪرڻ شروع ڪري رهيا آهن. روس ۽ چين ڊالر کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي اختيار ڪري رهيا آهن. شنگھائي ڪانفرنس ۾ سيڪيورٽي، توانائي ۽ واپار جي حوالي سان اهم فيصلا ٿيا آهن. خاص طور تي روس ۽ چين توانائي جي معاهدن ذريعي پاڻ ۾ وڌيڪ ويجهو ٿي رهيا آهن. هن تعاون سبب يورپ لاءِ به مشڪلاتون وڌنديون، ڇاڪاڻ  ته يورپ توانائي لاءِ روس تي ڀاڙيندو آهي. شنگھائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جو گڏيل آبادي جو انگ دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ کان به وڌيڪ آهي. انهن ملڪن ۾ دفاعي، اقتصادي ۽ تجارتي سطح تي ويجهڙائي وڌي رهي آهي، جيڪا عالمي توازن کي نئون رخ ڏئي سگهي ٿي.

 انهيءَ پسمنظر ۾ پاڪستان جو ڪردار به انتهائي اهم بڻجي ويو آهي. پاڪستان هڪ اهڙي جغرافيائي پوزيشن رکي ٿو جتي هو شنگھائي تعاون تنظيم ۽ ٻين ملڪن کي ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه اهڙا منصوبا آهن، جيڪي هن علائقي جي معاشي اهميت کي ٻيڻو ڪري سگهن ٿا.

آمريڪا جي عالمي حڪمتِ عملي لاءِ هي سڀ ڪجهه وڏو چئلينج آهي. آمريڪا گهڻي وقت کان دنيا ۾ پنهنجي شرطن تي نظام هلائيندو رهيو آهي، پر هاڻي شنگھائي تعاون تنظيم ۽ ٻين علائقائي اتحاد هن تسلط کي چئلينج ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن دنيا جو واپار، توانائي ۽ معيشت آمريڪي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو، ته پوءِ آمريڪا جي عالمي بالادستي جو خواب هميشه لاءِ ختم ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته چين ۽ روس کي روڪي، پر عالمي حالتن جي تبديلي ان لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي.

شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس ان ڪري اهميت رکي ٿي جو چين ۽ روس آمريڪا سان پنهنجن لاڳاپن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن وقت عالمي منظرنامي ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي رهي آهي. چين جي معاشي ترقي ۽ روس جي سياسي اثررسوخ سبب آمريڪا لاءِ عالمي قيادت برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا پنهنجي عالمي تسلط کي برقرار رکڻ لاءِ هر محاذ تي مقابلو ڪري رهيو آهي. پر هاڻي 80 سيڪڙو عالمي معيشت آمريڪا جي ڪنٽرول مان نڪري چڪي آهي. شنگھائي تعاون تنظيم ۾ شامل ملڪن جو گڏيل حصو عالمي معيشت ۾ لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو وڃي. چين، روس ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل ڪوششن سان نئون اقتصادي ۽ سياسي بلاڪ ٺهي رهيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ آمريڪا جي مقابلي ۾ اچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.