اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي ناقص جاچ ۽ ڪمزور پراسڪييوشن سبب بري ڪري ڇڏيو، ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جوابدار سڪندر لاشاري کي موت جي سزا ۽ عرفان عرف فهيم کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، ڪالهه سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملزمان جي بريت جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ قتل جي الزام هيٺ موت جي سزا ماڻيندڙ سڪندر لاشاري ۽ 25 سال قيد جي سزا ماڻيندڙ شريڪ ملزم عرفان عرف فهيم کي بري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله مختصر فيصلو ٻڌايو، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، عدالتِ عظميٰ ناقص جاچ ۽ ڪمزور پراسڪييوشن سبب ملزمان کي بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج خالد شاهاڻي جي پٽ حنين طارق کي 2014 ۾ قتل ڪيو ويو هو،