زال جو خرچ پکو نڪاح سان ئي شروع ٿي وڃي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته زال جو خرچ پکو نه رخصتي سان مشروط آهي ۽ نه ئي مڙس جي صوابديد تي آهي، هي حق نڪاح سان گڏ شروع ٿئي ٿو ۽ ان جي پابندي قانوني ذميواري آهي، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ لاهور هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ رخصتي نه ٿيڻ تي مڙس کي نان نفقو ڏيڻ کان آزاد قرار ڏنو ويو هو، ڊويزن بئنچ سوال اٿاريو ته زال ڪڏهن کان خرچ پکي جي حقدار هوندي ۽ مڙس ان جي ادائيگي کان آزاد ٿي سگهي ٿو؟ بئنچ چيو ته عدالتن هميشه اهو قرار ڏنو آهي ته زال جو نان نفقو جو حق نڪاح کان فوراً شروع ٿي وڃي ٿو، بئنچ نشاندهي ڪئي ته زال جي خرچ جو حق نڪاح ۾ ها چوڻ سان مڪمل ٿي وڃي ٿو، رخصتي جو انتظار هن حق کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو، هن حق کي ازدواجي لاڳاپن سان مشروط ڪرڻ ان کي متاثر ڪري ٿو ۽ مڙسن کي مالي ذميواري کان بچڻ جو موقعو ڏئي ٿو، ان حق کي جسماني موجودگيءَ سان مشروط ڪرڻ صنفي برابري جي خلاف آهي، مڙس کي صرف تڏهن خرچ پکي ڏيڻ کان آجو قرار ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن هو ثابت ڪري ته زال کي بنا جواز پري رکيو ويو، ڊويزن بئنچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ استعمال ٿيل زبان تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو. جسٽس چيو ته ججن کي اهڙي زبان استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪا عورتن جي برابر قانوني حيثيت جي تصديق ڪري ۽ فيصلا اهڙي انداز ۾ هجن جيڪي دقيانوسي واري سوچ بدران رواداري ۽ جديديت کي فروغ ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.