اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ ٽماتن، چانور ۽ کنڊ سوڌو 22 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون، تازن هفتن دوران مهانگائي ۾ لڳاتار اضافي کان پوءِ هن هفتي مهانگائي جي شرح ۾ معمولي گهٽتائي ڏٺي وئي، جيڪا 0.2 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 5.03 سيڪڙو ٿي وئي آهي، وفاقي شماريات واري اداري موجب گذريل هفتي بصر، ٽماٽا، پٽاٽا، چانور، آنا ۽ کنڊ سوڌو 22 شين جون قيمتون وڌيون، جڏهن ته 4 شين جون قيمتون گهٽيون ۽ 25 شين جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته داليون، ايل پي جي، ڪاٺ ۽ ڪپڙو پڻ مهانگا ٿيا، هن هفتي بصر 12.17 سيڪڙو، ٽماٽر 10.47 سيڪڙو، پٽاٽا 3.57 سيڪڙو، چانور 1.63 سيڪڙو ۽ آنا 1.52 سيڪڙو مهانگا ٿيا، سالياني بنيادن تي ٽماٽر 90 سيڪڙو، کنڊ 29 سيڪڙو ۽ اٽو 18.65 سيڪڙو وڌيو، ٻئي پاسي هن هفتي 4 شين جون قيمتون گهٽيون، جن ۾ اٽو 9.80 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 3.20 سيڪڙو سستو ٿيو، مختلف آمدني وارن طبقن لاءِ مهانگائي جي شرح ۾ معمولي گهٽتائي آئي آهي پر گهٽ آمدني وارو طبقو اڃا به وڌندڙ مهانگائي سان وڌيڪ متاثر آهي.