ملير (ڊ ر) قائدآباد جي علائقي شيرپائو ڪالوني السادات چوڪ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، شيرپائو ڪالونيالسادات چوڪ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا، واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس موجب مارجي ويلن مان هڪ جي سڃاڻپ 45 ورهين جي شاهجهان عباسي پٽ غلام قادر نبي طور ٿي، جڏهن ته ٻي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي. ڪرائيم سين يونٽ جي ٽيم واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رهي آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.