قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ سوڀارو زرداري ۾ جوابدار دلشير مگسي مبينا ڪارنهن الزام ھيٺ پنهنجي زال 28 ورهين جي وزيران ۽ بلوچستان مان مهمان ٿي آيل برادري جي نوجوان غلام محمد مگسي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جمال شاھ پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ دوڙ اسپتال کڻائي وئي، هوڏانهن جوابدار ۽ قتل ٿيل عورت جا وارث گھر خالي ڪري ويا آهن، جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.