ايف بي آر کي ٻن هفتن ۾ 1100 ارب گڏ ڪرڻ وڏو چئلينج

اسلام آباد (بيورو ) آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي تناظر ۾ ايف بي آر کي ٻن هفتن ۾ 1100 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو چيلينج درپيش آهي، ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٻئي اقتصادي جائزي دوران آمدني جي حدف تي سخت ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي، جولاءِ کان سيپٽمبر تائين آمدني جو حدف 3 هزار 83 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايف بي آر کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ 1100 ارب رپيا گڏ ڪرڻا پوندا، ڳالهين کان اڳ ايف بي آر کي هن حدف کي پورو ڪرڻ لاءِ 21 سيڪڙو واڌاري جي ضرورت آهي، جڏهن⁠ته جولاءِ کان آگسٽ تائين آمدني ۾ واڌ رڳو 15 سيڪڙو رهي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده ٻوڏ جي صورتحال ۽ يوٽيلٽي بلن جا مسئلا آمدني جي واڌ تي منفي اثر وجهي رهيا آهن، جنهن سبب مقرر ڪيل حدف حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.