لاهور(بيورو)صوبائي وزيرِ اطلاعات پنجاب عظميٰ بخاري ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي بابت هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ڪجهه اهڙا بيان سامهون اچي رهيا آهن ته حڪومت طرفان متاثر علائقن ۾ ڪا به مدد نه ڪئي وئي آهي، پر اهو درست ناهي.عظميٰ بخاري ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران حڪومت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ ادارن 3600 کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال سنگين آهي. متاثر آبادي جو انگ وڌي 42 لک 89 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. انهن مان 22 لک 62 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.عظميٰ بخاري وڌيڪ ٻڌايو ته سيلاب متاثر علائقن ۾ مجموعي طور تي 396 رليف ڪيمپون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته 490 ميڊيڪل ڪيمپ به قائم ٿيلن آهن. ان کان علاوه جانورن جي علاج لاءِ 412 ويٽرنري ڪيمپس به لڳايا ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ سيلاب جي تباهي وڏي پيماني تي آهي، پر پنجاب حڪومت به ان ئي تيزي سان متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي.