ڏکڻ پنجاب ۾ حالتون خراب، جلال پور ۾ وڻن جي سهاري بيٺل ڪٽنب جي وڊيو وائرل

لاهور/ ملتان(بيورو رپورٽ/م ڊ) ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن، جلال پور پيروالا ۾ حالتون خراب آهي. ضلعي انتظاميا گيلاني بند کي کنڊ هڻي جلالپور پيروالا جي "پنج لک آبادي کي محفوظ بڻائڻ” جي دعويٰ ڪئي آهي. علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر مطابق، گيلاني بند کي گهارو هڻي جلالپور پيروالا جي لڳ ڀڳ 5 لک آبادي کي بچايو ويو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جو پاڻي هاڻ بهادر پور اتر، بهادر پور ڏکڻ ۽ بستي لانگ ڏانهن رخ ڪندو. ان سان گڏ موضع ڪنهو، بستي صبيره ۽ ڪنڊير جا زرعي علائقا پڻ متاثر ٿيندا. رپورٽ موجب، جتي هاڻ پاڻي وڃي رهيو آهي، انهن علائقن ۾ لڳ ڀڳ 80 هزار ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو هو، جنهن سبب انهن کي اڳ ئي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جلالپور پيروالا ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي هڪڏکوئيندڙ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ متاثر ماڻهو وڻن جو سهارو وٺي مدد جي اپيل پيا ڪن. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص 5 کان 6 ورهين جي نينگري کي پاڻي ۾ مٿي کنيو بيٺو آهي، جنهن کي بعد ۾ ريسڪيو ٽيمن نينگري ۽ ٻن ٻين ماڻهن سميت بچائي ورتو. وڊيو ۾ متاثر شخص ريسڪيو عملي سان ڳالهائيندي شڪايت ڪئي ته ته اسين فون ڪيون ٿا، پر ڪو نٿو اچي. جنهن تي ريسڪيو اهلڪار جواب ڏنواسين ڪيترائي چڪر لڳايا، ماڻهو پاڻ ڇو نٿا نڪرن؟متاثر شخص وڌيڪ چيو ته سندس سوٽ وڻ تي ويٺي هئي، هاڻ اُتي ناهي،جنهن تي ريسڪيو اهلڪار وراڻيو ته ان کي به ڳولينداسين۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.